ڪراچي/گلشن اقبال(اسٽاف رپورٽر+ن هه) ڪراچي ۾ ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ، مذهبي اڳواڻ مولانا تقي عثماني تي قاتلاڻو حملو، 2 محافظ مارجي ويا. تفصيل موجب نيپا چورنگي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن ٻن گاڏين کي نشانو بڻائيندي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، مولانا تقي عثماني ۽ سندس گهرڀاتي محفوظ رهيا، گوليون لڳڻ سبب مولانا تقي عثماني جو محافظ محمد فاروق ۽ هڪ خانگي محافظ صنوبر خان مارجي ويا، عامر شهاب سخت زخمي ٿي پيو، هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس ۽ رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، سي سي ٽي وي فوٽيجن جي مدد سان جاچ شروع شروع ڪري ڇڏي. ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ جو چوڻ آهي ته واقعو فرقيواراڻي سازش نه پيو لڳي پر ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي، حملي ۾ مولانا تقي عثماني محفوظ رهيو، 2 محافظ مارجي ويا. ٻئي طرف هڪ بيان ۾ مفتي تقي عثماني حملي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته حملي آور پهريان اڳيان آيا ۽ پوءِ پٺيان اچي فائرنگ ڪري ڏني. هن چيو ته ڪجهه اندازو ئي نه ٿيو ته ٿي ڇا رهيو آهي، ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن گولين جو مينهن وسي رهيو هجي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان واقعي جي مذمت ڪندي مولانا تقي عثماني جي سيڪيورٽي گارڊ جي مارجڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته مفتي تقي عثماني جهڙي قدر جوڳي شخصيت تي حملو سازش آهي ۽ ان سازش کي وائکو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پي ايس ايل جي ڪاميابي کان ڪراچي جا دشمن ساڙ ۾ سڙي ويا آهن ۽ شهر جو امن خراب ڪندڙن کي سختيءَ سان چيڀاٽيو وڃي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته مفتي تقي عثماني محفوظ رهيو پر دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي پڪڙيو وڃي ۽ ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي سازش ڪندڙن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ملوث جوابدار ترت گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ هجي يا ڪا ٻي ڪارروائي، جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪيا وڃن. ٻئي طرف فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم به مولانا تقي عثماني تي حملي جي مذمت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟