انسانيت خاطر گڏيل محاذ جوڙي اسلام فوبيا خلاف وڙهڻ گهرجي: او آءِ سي

1Shares

استنبول(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلام فوبيا بابت گڏيل قومن ۾ اثرائتي قانونسازي ٿيڻ گهرجي، ڀارت ۾ مسلمانن کي تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ترڪ صدررجب طيب اردگان چيو آهي ته انسانيت خاطر اسلام فوبيا سان وڙهڻ گهرجي، جيسينڊا آرڊرن سمورن اڳواڻن لاءِ ماڊل آهي. ڪرائسٽ چرچ سانحي کانپوءِ استنبول ۾ هنگامي طور سڏايل او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت 20 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت طئي ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪي صدر رجب طيب اردگان چيو ته انسانيت خاطر اسلام فوبيا سان وڙهڻ گهرجي، جيسينڊا آرڊرن سمورن اڳواڻن لاءِ ماڊل آهي. ترڪ صدر چيو ته، اهڙن واقعن کان لاتعلقي ظاهر نٿا ڪري سگهون جن سان مستقبل ۾ اسلام دنيا کي خطرو هجي. شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس فوري طور گهرائي اسلام فوبيا تي اثرائتي قانونسازي ڪئي وڃي. هن چيو ته، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس کي نفرت ۽ ڏوهن تي ٻڌل تقريرن کي روڪڻ واري مطالبي جي حمايت ڪرڻي پوندي. پرڏيهي وزير  چيو ته، گڏيل قومن ۾ دهشتگردي جي لسٽنگ فريم ورڪ تي گڏيل نظرثاني ڪئي وڃي، اسلام فوبيا خلاف گڏيل محاذ جوڙيو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ جمهوريت ۽ سيڪولرزازم جو دعويدار آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ بي جي پي مسلمانن خلاف تعصب رکندي آهي، سماجي سياسي ۽ معاشي ماٽيلي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، هندوتوا بريگيڊ جي هٿان مسلمانن جي توهين ڪئي ويندي آهي ۽ توهين جو نشانو بڻايو ويندوآ هي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڳئون جي حفاظت جي نالي تي مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويندو آهي، زبردستي مذهب تبديل ڪرايو ويندو آهي، سکن، عيسائين ۽ دلت اقليتن کي جبر جونشانو بڻايو ويندو آهي. واضح رهي ته اجلاس کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي جي اجلاس ۾ پهتو ته ترڪ پرڏيهي وزير سندس استقبال ڪيو. شاهه محمود قريشي ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف، افغانستان جي پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني ۽ ڪويت جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ صباح  خالد حماد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں