ويلنگٽن(م ڊ) ڪرائسٽ چرچ سانحي جي سڳو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سرڪاري ٽي وي ۽ ريڊيو تي اڄ جمعي جي آذان ۽ خطبو نشر ڪيو ويو جڏهن ته شهيدن جي ياد ۾ پوري ملڪ ۾ 2 منٽن جي خاموشي به اختيار ڪئي وئي. نيوزيلينڊ ۾ مسلمانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هزارين ماڻهو النور مسجد آڏو هيگلي پارڪ ۾ جمع ٿيا جتي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن به شريڪ هئي، وزيراعظم سميت ڪيترين ئي غير مسلم عورتن اذان جي احترام ۾ مٿو ڍڪي رکيو هو. پوري ملڪ ۾ جمعي جي آذان کانپوءِ 2 منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ڪرائسٽ چرچ سانحي جي سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي وئي جنهن کانپوءِ جمعي جو خطبو ۽ نماز ادا ڪئي وئي. جمعي نماز کان اڳ هيگلي پارڪ پهچڻ تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن مختصر خطاب ۾ ايمان وارن جي هڪ جسم جيان هجڻ بابت حديث نبوي صه بيان ڪئي. ٻئي طرف هيگلي پارڪ ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ وزيراعظم نيوزيلينڊ جيسنڊا آرڊرن حضور پاڪ صه جي حديث مبارڪ پڙهي ٻڌائيندي خطاب جي شروعات ڪئي. وزيراعظم نيوزيلينڊ جيسنڊا آرڊرن نيوزيلينڊ جي هيگلي پارڪ ۾ جمعي جي نماز جي ادائيگي کان اڳ حضور پاڪ صه جي حديث مبارڪ پڙهي ٻڌائيندي خطاب جي شروعات ڪئي. وزيراعطم حديث پڙهڻ کانپوءِ مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته نيوزيلينڊ اوهان سان ڏک ۾ شريڪ آهي، اسان سڀ هڪ آهيون. هوڏانهن نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن جي مسلمانن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ محبت تي پوري دنيا سندس تعريف ڪري رهي آهي پر ڪجهه انتهاپسندن کي ان جي انسانيت سان محبت شايد پسند ناهي آئي ۽ انهن ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. تفصيل موجب نيوزيلينڊ جي سرڪاري ٽي وي ۽ ريڊيو تي جمعي جي آذان ۽ خطبو پهريون ڀيرو نشر ڪيو ويو جڏهن ته النور مسجد ۾ جمعي جي نماز جي موقعي تي برطانوي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي نبي پاڪ صه جي حديث مبارڪ به پڙهي ٻڌائي. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن هن وقت مسلمان دنيا ۾ تمام گهڻو احترام ۽ عزت حاصل ڪري چڪي آهي ڇو ته سندس ويجهو انسانيت سڀ کان وڏي آهي. مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي انتهاپسندن جيسنڊا آرڊرن کي ڌمڪي جوڳا پيغام موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، کيس هڪ ٽوئيٽر واهپيدار طرفان بندوق جي تصوير موڪلي وئي ۽ ان سان لکيو ته هاڻ اوهان جو نمبر آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟