نيوزيلينڊ حملي ۾ 6 پاڪستاني به شهيد، انگ 50 ٿي ويو، وزيراعظم جيسنڊا پاران متاثرن لاءِ مالي پيڪيج جو اعلان

9Shares

ڪرائيسٽ چرچ/اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملي ۾ 6 پاڪستاني به شهيد ٿي ويا، 3 ڄڻا گم، حملي ۾ شهيدن جو انگ 50 ٿي ويو، نيوزيلينڊ حڪومت پاران شهيدن لاءِ وڏي مالي پيڪيج جو اعلان. تفصيل موجب نيوزيلينڊ ۾ لين ووڊ ۽ ڊائنز ايونيو وارن علائقن ۾ مسجدن تي حملن جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 50 ٿي ويو، 6 پاڪستاني به شامل آهن. پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستاني ڊپٽي هاءِ ڪمشنر معظم شاهه ٻڌايو ته نيوزيلينڊ حملي ۾ 6 پاڪستاني شهيد ٿي ويا آهن، مسجد جي امام شهيد ٿيل پاڪستانين جا نالا پڙهي ٻڌايا، 3 پاڪستاني گم آهن. پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل تصديق ڪندي چيو ته حملي کانپوءِ 9 پاڪستاني گم هئا، جن ۾ ذيشان رضا، سندس والد ۽ والده لاپتا آهن. حافظ آباد واسي محمد امين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته شهيد ٿيل 6 پاڪستانين ۾ راولپنڊي واسي محبوب هارون، 40 سالن جو سهيل جهانداد، 26 سالن جو اريب احمد، ايبٽ آباد جو نعيم ارشد ۽ سندس 22 سالن جو پٽ طلحا نعيم شهيدن ۾ شامل آهن. هن چيو ته گم ٿيل پاڪستانين جي ڳولا جاري آهي، انهن جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف نيوزيلينڊ ۾ سوڳ وارو ماحول آهي ۽ قومي جهنڊو نويل رهيو. ٻئي طرف ڪرائسٽ چرچ حملن تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن مسلم ڪميونٽي سان ڪارا ڪپڙا پائي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت لاءِ اسپتال جو دورو ڪيو جتي هن مسلم ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي ۽ مسلم عورتن کي ڀاڪر پائي تسلي ڏني. ان دوران وزيراعظم آرڊرن مسلم ڪميونٽي سان تعزيت جي اظهار لاءِ ڪاري چادر به مٿي تي پهري ۽ حملي جي سخت مذمت ڪئي. نيوزيلينڊ وزيراعظم ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ جو واقعو نيوزيلينڊ جي عڪاسي نه ٿو ڪري جڏهن ته مذهبي ۽ ثقافتي آزادي هر صورت ممڪن بڻائي ويندي. هن چيو ته اسان جي پهرئين ترجيح مارجي ويلن جي سڃاڻپ هئي، متاثرن جي مالي مدد ڪئي ويندي ۽ وڏو مالي پيڪيج ڏنو ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته حملي کان فوري پوءِ پوليس ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ حملي آور  پوليس جي تحويل ۾ آهي، في الحال پوليس کي ڪجهه چيلينجز اڳيان آهن ان لاءِ قانونسازي ڪنداسين. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم هٿيار قانون ۾ تبديلي جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته حملي آور وٽ 5 هٿيار ۽ لائسنس هو، حملي آور آسٽريليا نه ئي نيوزيلينڊ جي واچ لسٽ ۾ هو، واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ اسان آسٽريلوي ايجنسيز سان گڏجي ڪم ڪري ر هيا آهيون. ان کان علاوه مسلم ڪميونٽي سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ يهودين پهريون ڀيرو پنهنجو عبادتگاهون بند ڪري ڇڏيون. نيوزيلينڊ يهودي جيوئس ڪائونسل ڪميونٽي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان سڀئي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ۽ تشدد سان ڀريل ويڙهه، نفرت ۽ نسل پرستي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متحد آهيون.

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں