پنڊي مان سنڌ کي شهيدن جا لاش مليا، اهو مناسب نٿو لڳي ته ڪيس اتي منتقل ڪيا وڃن: وڏو وزير

10Shares

ٽنڊو محمد خان(ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب جي قانون ذريعي وفاقي حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بنائي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان شهر جي مقامي هال ۾ پ پ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو جي ڀائيٽي جي شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نيب جي ڪيسن ۾ جن تي به ريفرنس آهن انهن تي ڪيس هلي رهيا آهن. ڪا به ثابتي ٿئي ٿي ته گرفتار ڪيو وڃي، ان تي اسان ڪوبه اعتراض نه ڪنداسين پر ان جي ابتڙ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري کانپوءِ صوبائي وزير ۽ اڳوڻن صوبائي وزيرن کي الزامن جي تحت گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش به انتقامي ڪارروائي جو حصو نظر اچي رهيو آهي. اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري کي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود وري نوان ڪيس لڳائي کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ نيب جي ڪارروائي شهري علائقي ۾ ڪنهن دهشتگرد جيان گرفتار ڪرڻ به عجيب ڳالهه آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته نيب کي سنڌ صوبي کانسواءِ ملڪ ۾ ڪٿي به ڪرپشن نظر نه اچي رهي آهي. عليم خان کي نيب جي ڪيس ۾ ڄاڻائي پنهنجي مخالفن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن پيون. بدقمستي آهي ته سنڌ جي چونڊيل صوبائي حڪومت کي ڪرپشن جي نالي ۾ بدنام ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي پئي. جيڪا وفاقي حڪومت جي انتقامي سياسي ڪارروائي جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي جي ٻن دورن کانپوءِ مون کي اطلاع ڪرڻ بنا ٿر جو دورو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي دوري مان سنڌ کي ڪوبه رليف نه مليو آهي، ٿر جي عوام کي ڪوبه اهڙو پيڪيج نه ڏنو ويو آهي، جنهن سان سندن بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن. اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جا جائز حق ملي نه سگهيا آهن. وزيراعظم قبائلي علائقن کي سنڌ بلوچستان جي اين ايف سي ايوارڊ مان وڌيڪ 3_3 سيڪڙو ڏيارڻ جا اعلان ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي دل آزاري ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي جائز حقن لاءِ وفاق وٽ هر محاذ تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. پر لڳي ٿو ته وزيراعظم کي سنڌ سان ڪو به انصاف نه ڪرڻو آهي. هن چيو ته نيب جي ڪيسن کي پنڊي منتقل ڪرڻ حڪومت عجيب فارمولو پيش ڪري رهي آهي، پنڊي جي عدالتن ۾ ڪيسن جي منتقلي پنهنجي سنڌ صوبي جي عدالتن تي بي اعتمادي ڪئي پئي وڃي، ماضي ۾ پنڊي مان شهيد ذاولفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو تائين جيڪي شهيدن جا لاش سنڌ کي مليا آهن، جنهن جي ڪري اهو مناسب نه لڳي رهيو آهي ته ڪيس پنڊي منتقل ڪيا وڃن. جڏهن ته ڪيس سنڌ جا آهن ته سنڌ ۾ ئي هلايا وڃن ته انصاف ٿي سگهندو.03

10Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں