نيوزيلينڊ حملو: گرفتار دهشتگرد رمانڊ تي پوليس حوالي، عدالت ۾ بي حسي جو مظاهرو ڪندي کلندو رهيو

3Shares

ويلنگٽن(م ڊ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ جمعي جي ڏينهن مسجدن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد برينٽن ٽيرينٽ کي عدالت پيش ڪيو ويو. کاٻي ڌر جي اڇي نسل پرست 28 ورهين جو برينٽن آسٽريلوي شهري آهي جنهن کي هٿڪڙي لڳائي ڪرائسٽ چرچ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس موجب دهشتگرد قتل جي الزام آهن جڏهن ته ٻين الزامن ۾ دهشتگرد کي وڌيڪ جاچ کانپوءِ چارج ڪيو ويندو. ٻڌڻي دوران جوابدار برينٽن بيحسي سان ويٺو رهيو ۽ ندامت بدران بيوقوفاڻي انداز ۾ مسڪرائيندو رهيو جڏهن ته هن ضمانت لاءِ به ڪا درخواست نه ڪئي. پوليس جو چوڻ هو ته حملي آور کي پنج اپريل تائين رمانڊ تي ڏنو ويو آهي جنهن کانپوءِ دهشتگرد کي سائوٿ آئس لينڊ شهر جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں