آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر بئنڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئليج ڪري ڇڏيو

8Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي منتقل بابت بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي جي صدر آصف زرداري۽ فريال ٽالپر بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي خلاف  درخواست داخل ڪرڻ پنهنجي وڪيلن سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتا، ان موقعي تي عدالت جي آس پاس سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. آصف زرداري ۽ فريال  ٽالپر پنهنجي وڪيلن وسيلي بينڪنگ ڪورٽ طرفان مني لانڊرنگ ڪيس کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي فيصلي کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو. اڳوڻي صدر ۽ فريال ٽالپر پاران عدالت ۾ 2 درخواستون داخل ڪيون آهن هڪ ۾ انهن بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيوآهي ۽ ٻئي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيوآهي ته بينڪنگ ڪورٽ جو ڪيس منتقلي جاحڪم غيرقانوني آهن عدالت کي گذارش آهي ته ڪيس منتقلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي جڏهن ته ٻئي طرف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيووآهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سنڌ هاءِ ڪورٽ  کان حفاظتي ضمانت طلب ڪئي آهي ان جو چوڻ هيوته 20 مارچ تي نيب طلب ڪيوآهي عدالت کي استدعا آهي ته حفاظتي ضمانت ڏني وڃي.03

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں