ملڪ ۾ سليڪٽڊ حڪومت هلي رهي آهي، عمران خان سياسي ميدان ۾ اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي: بلاول

7Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان سياسي ميدان ۾ اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري هو اسيمبلي ۾ منهنجي اچڻ سان خوفزنده هو. سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ٽن وزيرن جي ڪالعدم تنظيمن سان ڳٺ جوڙ آهي، عمران خان به چونڊن دوران عوام کي اعتماد ۾ نه ورتو پر ڪالعدم تنظيمن سان گڏجي چونڊ وڙهي. هن چيو ته عمران خان سياسي ميدان ۾ اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، لياري ۽ مالاڪنڊ ۾ اسان کي جهڙي ريت هارايو ويو سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا، اهي ته مون کي به اسيمبلي ۾ نٿا ڏسڻ چاهين ۽ اسيمبلي ۾ منهنجي اچڻ سان خوفزنده هئا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم رڳو اپوزيشن خلاف ايڪشن وٺي سگهي ٿو، چونڊ مهم دوران 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم ۽ سندس ڌيءُ کي گرفتار ڪرائي ٿو، آصف زرداري کي هڪ فون ڪال تي سزا ڏياري ٿو، توهان اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪيو ٿا، ان جي گهر ۾ چادر ۽ چارديواري پائمال ڪيو ٿا پر اهڙو ايڪشن ڪالعدم تنظيمن خلاف نٿا کڻي سگهو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان جا حڪومت کان 3 مطالبا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل قومي سلامتي ڪميٽي ٺاهي وڃي، نيب تي عمل ٿئي ۽ ڪالعدم تنظيمن کان پاڻ کي ڌار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ سليڪٽڊ حڪومت هلي رهي آهي، مهانگائيءَ جي سونامي ۾ عوام ٻڏي رهيو آهي، وزيراعظم مودي ۽ ڪالعدم تنظيمن خلاف ڳالهائي نٿو سگهي. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ ڪراچي کان لاڙڪاڻي عوام سان ملندو ويندس. هن چيو ته نيب جو قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڀرپور نموني ملهائي ويندي.  پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي منتقلي ۽ نيب طرفان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي طلب ڪرڻ وارن معاملن تي غور ويچار ٿيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڀرپور نموني ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ نيب طرفان سنڌ ۾ ڪاررواين کي سياسي انتقام قرار ڏيندي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں