ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جو چوٿون ايڊيشن پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو آهي ۽ اڄ ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون ميدان تي لهنديون. پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارا آهن. ليگ، پلي آف ۽ ايليمينيٽر مقابلن کانپوءِ اڄ ٽائيٽل جي فاتح جو فيصلو ٿيندو. فائنل ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شام ستين وڳي شروع ٿيندي، جتي پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ڪوئيٽا جي ٽيم سرفراز احمد، جڏهن ته پشاور جي ٽيم ڊيرن سيمي جي ڪپتانيءَ ۾ ميدان تي لهندي. پشاور زلمي پي ايس ايل 2 جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا جي ٽيم ٻه ڀيرا فائنل ۾ پهچڻ باوجود ٽرافي ناهي کٽي سگهي. ٻئي طرف پي ايس ايل جي ٽرافي جي رونمائي ڪالهه نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿي، جتي فائنل ۾ جڳهه ٺاهيندڙ ٽيمن جي ڪپتانن سرفراز احمد ۽ ڊيرن سيمي جو ٽرافي هٿن ۾ کڻي فوٽو سيشن ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ڪپتانن وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. سيمي سرفراز کي چيو ته اڄ ٽرافي توهان کڻو، سڀاڻي اسان کڻنداسين، سرفراز به ڀرپور جذبي سان جواب ڏنو ته اسان اڄ به کڻنداسين ۽ سڀاڻي به کڻنداسين. ڊيرن سيمي پي ايس ايل ٽرافي جو جف سوشل ميڊيا ٽوئٽر تي شيئر ڪندي لکيو ته مان شدت سان هن کي پسند ڪريان ٿو، توهان کي ڇا ٿو لڳي ته هيءَ مون وٽ اچي سگهي ٿي؟ ٽرافي جي رونمائي کانپوءِ ٻنهي ڪپتانن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي چيو ته ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندڙ ٽيم کي هتي فائدو ٿيندو، ڪوشش ڪنداسين ته پهريان بيٽنگ ڪندي وڏو اسڪور ٺاهيون. هن چيو ته ڪوئيٽا سٺي ٽيم آهي پر اسان وٽ به سٺا رانديگر آهن، شين واٽسن اسان جي لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ نٿو بڻجي سگهي. سندس چوڻ هو ته آئون بالنگ نه پيو ڪري سگهان پر اسان جي ٽيم ۾ ٽورنامينٽ جون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر حسن علي موجود آهي ۽ ان سان گڏ وهاب رياض جو هجڻ بهترين آهي. ڊيرن سيمي وڌيڪ چيو ته مصباح اسان جي ٽيم جي خوبصورتي آهي ۽ زلمي ڪنهن هڪ رانديگر تي نه پر ٽيم جيان کيڏندي آهي، جڏهن ته منهنجي پنهنجي پرفارمنس منهنجي لاءِ تمام گهڻي معنيٰ رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته پشاور زلمي کي منهنجي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته سڄي ايونٽ ۾ اسان جي ٽيم سٺو کيڏي آهي، هاڻ اسين ٽيون ڀيرو فائنل کيڏي رهيا آهيون ۽ ڪاميابيءَ لاءِ پراميد آهيون. هن چيو ته ٽاس ميچ جي نتيجي تي اثرانداز ٿيندي، جڏهن ته 190 رنز اسڪور ڪند ٽيم کي برتري حاصل ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي ميچ جا شروعاتي بيٽسمين اهم ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته شين واٽسن ۽ عمر اڪمل اسان جا مرڪزي بيٽسمين هوندا، جڏهن ته احسان علي ۽ احمد شهزاد مان به اميدون آهن. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان چيو ته ٻئي ٽيمون هڪٻئي جي خوبين ۽ خامين مان واقف آهن، جڏهن ته بائونڊري ۾ اضافي کانپوءِ بالرز ۽ بيٽسمين خوش آهن. هن چيو ته ايندڙ سال پي ايس ايل 5 پاڪستان ۾ ئي ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيڪو معيار پاڪستان ۾ نظر اچي رهيو آهي، اهڙو دبئي ۽ شارجه ۾ به نه هيو. سندس چوڻ هو ته ٽڪيٽون گهرندڙن جون فرمائشون وڌي ويون آهن، جڏهن ته مون وٽ ٽڪيٽون ناهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟