بلاول ڀٽو جي بيان کي ڀارت پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيو آهي: اسد عمر

7Shares

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون بلڪل نه نڪرنديون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته انسان غلطي ڪري ٿو ۽ مان به غلطي ڪندو آهيان هڪ وڏي اخبار منهنجي حوالي سان بيان جاري ڪيو ته مهانگائي وڌندي ۽ عوام جون رڙيون نڪرنديون، مون اهي لفظ نه چيا. جيڪڏهن هڪ سال ۾ بجلي ۽ گيس ۾ 600 ارب روپين جو خسارو ڪريو ته خساري جي رقم آصف زرداري ۽ نواز شريف جي اڪائونٽس مان ايندي، مهانگائي آهي ۽ ماڻهو ڏکيائي ۾ آهن، ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون  رڙيون بلڪل نه نڪرنديون. اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف اسان کي چيو ته ڏکيا قدم کڻو، اسان قدم کنيا آهن، اسان آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، آءِ ايم ايف جا ماڻهو هن مهيني پاڪستان اچي رهيا آهن، مان به ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. ناڻي واري وزير چيو ته ڀارت تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي پر ايئن نه ٿي سگهيو، پاڪستان ڀارت ڇڪتاڻ دوران اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ 80 ملين ڊالر جي واڌ ٿي، سي پيڪ پروجيڪٽس مان هڪ روپيو به گهٽ نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي ڀارت پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيو آهي، چين سان 2 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ڪنهن به ملڪ کي اوڌر تي تيل ناهي ڏيندو، ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ واڌ لاءِ دوست ملڪ چين کان 2 ارب ڊالر جلد ملي ويندا. هن چيو ته ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان جي دوري ۾ معاهدي جو امڪان آهي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں