آغا سراج دراني، لياقت جتوئي، نواب يوسف ٽالپر، وسيم اختر ۽ مصطفيٰ ڪمال جو گهيرو تنگ، جاچ ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

18Shares

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو+اسٽاف رپورٽر) نيب جي ايگزيڪيوٽور بورڊ، آغا سراج دراني، وسيم اختر، لياقت جتوئي ۽ نواب يوسف ٽالپر جي خلاف شڪي رقم منتقل ڪرڻ واري شڪايت کي پهريان کان جاري جاچ سان ڳنڍڻ، 2 انڪوائريون، 3 ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ ٿيو، نيب جي اها پراڻي پاليسي آهي جو نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس بابت تفصيل عوام کي فراهم ڪيو وڃي ٿو جيڪو طريقو گذريل ڪيترن سالن کان هلي رهيو آهي جنهن جو مقصد ڪنهن جي دل ڏکائڻ نه آهي، سموريون انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشنز مبينا الزامن جي بنياد تي شروع ڪيا ويا آهن جيڪي حتمي نه آهن، نيب قانون موجب سمورن لاڳاپيل ماڻهن کان سندس موقف معلوم ڪندو جنهن کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو، اجلاس ۾ ٻن انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي جن ۾ غلام محمد ، اڳوڻو سيڪريٽري ڪميونيڪشن اينڊ ورڪس کاتو بلوچستان، آفيسرن، اهلڪارن، ٺيڪيدارن، صوبائي هاءِ وي ڊويزن، ضلعو سانگهڙ ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ اصغر شيخ، اڳوڻو ڊي جي لاڙڪاڻو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين جي خلاف انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ 3 ريفرنس داخل ڪرڻ جي منطوري ڏني وئي، اجلاس ۾ حاجي گل بهار خان، اڳوڻو ڪي ڪي پي صحت جو وزير، محمد زمرد خان اڳوڻو ڪنزويٽر گلگت فاريسٽ کاتو، حاجي نصيب خان، عبدالصمد، محمد قاسم پرنسپل ميڊيڪل آفيسر ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ مهتاب احمد خان، عرفان الاهي، مشرف رسول، محمد علي ڊبا ۽ ٻين جي خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جوابدارن تي مبينا طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ، مشرف رسول کي پي آءِ اي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي خزاني کي نقصان پهتو ۽ جنهن جي مقرري کي سپريم ڪورٽ غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي، اجلاس ۾ ڪامران علي قريشي، اسد منير، خالد محمود ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ آغا سراج دراني، وسيم اختر، لياقت جتوئي، نواب يوسف ٽالپر خلاف شڪي رقم منتقل ڪرڻ جي شڪايت کي پهريان کان هلندڙ جاچ سان ڳنڍڻ جي منظوري ڏني وئي. ٻئي طرف نيب ڪراچي جي اڳوڻي ناظم ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال سميت 11 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي احتساب بيورو مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين خلاف سمنڊ ڪناري ساڍا 5 هزار چورس گز زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي معاملي تي ريفرنس داخل ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي افتخار قائمخاني، ممتاز حيدر، نذير زرداري ۽ ٻين جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف شروعاتي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ معاملو نيب هيڊ ڪوارٽر موڪليو ويو آهي. عدالت نيب کي 2 مئي جي جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران نيب عدالت کي ٻڌايو ته زمين 1980 ۾ هاڪرن ۽ دڪاندارن کي ليز تي ڏني وئي هئي، پوءِ 2005 ۾ سموري زمين ڊي جي بلڊرز ليز تي حاصل ڪئي. نيب جو چوڻ هو ته ڪراچي جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال بلڊر کي وڏيون عمارتون اڏڻ جي غير قانوني اجازت ڏني هئي. نيب جي جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته مصطفيٰ ڪمال کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي ۽ بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نيب ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ رئوف صديقي ۽ ٻين خلاف گهيرو وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين جي حوالي سان نيب جاچ بابت ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي ۾ نيب ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي جوابدار نامزد ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته رئوف صديقي ۽ ٻين خلاف غيرقانوني ڀرتين جو الزام ثابت ٿي رهيو آهي، رئوف صديقي ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ وارو معاملو هيڊڪوارٽر کي اماڻيو ويو آهي. عدالت ريفرنس داخل ڪري 2 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نيب مطابق رئوف صديقي خلاف پنهنجي وزارت واري دور ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي.

18Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں