پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي تي اختلاف برقرار، ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي ٿيندو

0Shares

لاهور(بيورو) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪرتاپور راهداري رٿا تي ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي طئي ٿي ويو. سرحد پار اٽاري ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس ۾ ڊي جي ڏکڻ ايشيا ۽ ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي، قانون، انصاف ۽ مذهبي معاملن جا عملدار شريڪ ٿيا. گذريل ڏينهن ڪرتارپور راهداري ڳالهين لاءِ پاڪستان جو نائب هاءِ ڪمشنر سيد حيدر شاهه ڀارتي شهر امرتسر پهتو. ڀارتي اختيارين سان ملاقات ۾ ڪرتارپور راهداري سان پاڪستان طرفان ويزا ڇوٽ جي معاملي تي به ڳالهين ٿيون. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي واهگا ۾ ٿيندو. ڀارتي اختيارين سان ڳالهين کانپوءِ واپسي تي پاڪستاني وفد جي سربراهه ڊاڪٽر محمد فيصل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2 اپريل تي ڪرتاپور راهداري بابت ٻي ملاقات واهگا سرحد تي ٿيندي. هن چيو ته ڀارتي اختيارين سان هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن پر ڪجهه معاملن تي اڃا به اختلاف آهن، جنهن جا تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهون. ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهتتائي خطي ۾ امن لاءِ ضروري آهي. واهگه بارڊر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته اڄ ڪرتاپور راهداري تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هن راهداري سان نه صرف سکهه برادري کي سهولت ملندي پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن به ٿيندو. هن چيو ته اسان جي سوچ آهي ته هڪ وڻ اهڙو لڳايو وڃي جنهن جون پاڇو پاڙيسڙي جي گهر ۾ وڃي ، اسان جي ميٽنگ ڪرتاپور راهداري کولڻ بابت آهي، اسان ڳالهين لاءِ هاڪاري پيغام کڻي وڃي رهيا آهيون، ڊاڪٽر محمد فيصل ٻڌايو ته منصوبي جو سنگ بنياد 20نومبر 2018 تي رکيو ويو ۽ مڪمل نومبر 2019 ۾ مڪمل ٿي ويندو. ڊاڪٽر فيصل چيو ته راهداري منصوبي درياءُ راوي تي پُل ۽ ساڍا چار ڪلو ميٽر روڊ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل هڪ ٽوئٽر بيان ۾ چيو ته 30 کان وڌيڪ ڀارتي صحافين ڪرتاپور راهداري جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ هنن وزير اعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي هئي جڏهن ته ڀارتي صحافين لاءِ پرڏيهي وزير آجياڻي جو اهتمام به ڪيو هو ڀارت پاڪستاني صحافين کي ويزا نه ڏني جنهن تي افسوس آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں