حڪمران موديءَ جي واٽ تي پيا هلن، ٻاراڻا بيان بند ڪري سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪن: بلاول

8Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف پابندي مڙهيل تنظيمن سان گڏجي چونڊون وڙهيون ۽ اسان پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڳالهايون ته اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي. بينظير پارڪ ڪلفٽن ۾ وڻڪاري مهم جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت ۾ جڏهن اپوزيشن ملڪي مفاد جي باري ۾ ڳالهائيندي مودي کان جواب طلب ڪري ته ڀارتي وزيراعظم کين ملڪ دشمن قرار ڏيندو آهي، اهڙو ئي اسان پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن بابت حڪومت کان جواب گهرون ٿا ته اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي ٻاراڻن بيانن جو سلسلو بند ڪري سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهو ملڪ لاءِ اهم وقت آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ماحولياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرئين ڏينهن کان ڪوششون ڪري رهي آهي، بينظير ڀٽو به پنهنجي حڪومتي دور ۾ وڻڪاري تي ڪم ڪيو هو جڏهن ته آصف علي زرداري هڪ ون مين، ون ٽري جو تصور پيش ڪيو هو. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت طرفان وڻڪاري شروع ڪرڻ سٺو قدم آهي ۽ اهو سلسلو اڳتي وڌائيندي لياري ۽ ملير تائين وڌائينداسين. بلاول چيو ته هڪ وزير جي ويڊيو وائرل ٿي آهي، جيڪو ڪالعدم تنظيم وارن کي چئي ٿو جيستائين اسان جي حڪومت آهي، اوهان خلاف ڪارروائي نه ڪنداسين، اهڙن ماڻهن کي پاڪستان جي ڪابينا ۾ نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته ڪالعدم تنظيمن خلاف ڪارروائي اپوزيشن جو مطالبو آهي، اسان کي حڪومت جي نيت مٿان شڪ آهي، کين هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ غير سنجيده ۽ غير ذميوار وزيرن کي هٽائڻ گهرجي، بلاول ڀٽو چيو ته حڪمرانن کي گهرجي ته پهريان انسان ٿين ۽ پوءِ حڪمران ٿين، حڪومت غريبن جي مدد ڪرڻ بدران سندن معاشي قتل ڪري رهي آهي.

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں