پنهنجي شهر ۾ کيڏي گهڻو مزو اچي رهيو آهي: سرفراز احمد

1Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سرفراز احمد چيو آهي ته پنهنجي مداحن وچ ۾ کيڏي تمام گهڻو مزو اچي رهيو آهي. پي ايس ايل فور جي فائينل ۾ پهچندڙ ڪوئٽا گليڊيئيٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته پشاور زلمي خلاف ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. هن چيو ته شين واٽسن بهترين جارحاڻي اننگ کيڏي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سرفراز احمد چيو ته ٽائيٽل کٽڻ لاءِ گهڻو پراميد آهيون. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته اسان جي ٽيم پوري ايونٽ ۾ سٺي کيڏي آهي، پنهنجي شهر ۾ پنهنجي مداحن وچ ۾ کيڏي گهڻو مزو اچي آهي.06

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں