اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

1Shares

ڪراچي(اسپورتس نيوز) پاڪستان سپر ليگ پي ايس ايل 4 جي ايليمينيٽر ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ننهن چوٽيءَ جي مقابلي کانپوءِ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 161 رنسون ٺاهيون. بابراعظم 42، ڪولن منرو 32 ۽ لونگ اسٽون 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اسلام آباد طرفان محمد موسيٰ 3، فهيم اشرف 2، رومان رئيس ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. اسلام آباد يونائيٽيڊ 19.3 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. هيلز 41، ڊيلپورٽ 38، حسين طلعت 32 ۽ آصف علي 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪراچيءَ طرفان عامر يامين ۽ عمر خان 2-2، جڏهن ته محمد عامر ۽ عثمان شنواري هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. اهڙي طرح ڪراچي ڪنگز کي اهم ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ٿي جنهن سبب ڪراچي ڪنگز ٽائيٽل کان ٻاهر ٿي وئي . ايليڪس هيلز کي 41 رنسن جي اننگ کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں