انتهاپسنداڻي سوچ رکندڙ 3 وفاقي وزيرن کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو، جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار آهيون: بلاول ڀٽو

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپوزيشن خلاف ڳالهائيندڙ مودي ۽ پابندي پيل تنظيمن خلاف هڪ لفظ ناهن ڳالهائيندا، پابندي پيل تنظيمن جا همدرد وفاقي ڪابينا ۾ موجود آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشرف جي ٺاهيل اداري سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سراج دراني کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا ۽ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر پيپلز پارٽي جو عهدو ناهي، آغا سراج دراني جي گرفتاري سنڌ اسيمبلي تي حملو آهي، کيس رڳو الزام جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو، نيب وٽ سندس خلاف ڪو ثبوت ناهي. هن چيو ته سراج دراني جي گهر تي ڇاپو چادر ۽ چارديواري جي پائمالي آهي، اسان اهو برداشت نٿا ڪري سگهون، گرفتاري کانپوءِ بنا دير گهر تي ڇاپي جو مطلب نيب وٽ ڪو ثبوت نه هو ۽ گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي بدتميزي ڪئي وئي، جڏهن ته نيب چيئرمين ان واقعي تي ڪو ايڪشن نه ورتو، نيب چيئرمين پنهنجي آفيسرن خلاف ايڪشن وٺي نه ته اسان ايڪشن وٺنداسين. سندس چوڻ هو ته نيب کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي به نيب چيئرمين ٺاهي ڇڏيو اهو سياسي انجنيئرنگ جو ڪم هوندو، 6 مهينن کان اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، سڄي قوم ڏٺو ته مون کي ڪيس ۾ گهليو پيو وڃي، عدالت پڇيو ته ڪنهن جي چوڻ تي منهنجو نالو جي آءِ ٽي ۾ وڌو ويو، ان جو جواب اڄ تائين نه مليو، چيف جسٽس چيو بلاول بي ڏوهه آهي، ان جو نالو جي آءِ ٽي مان هٽايو وڃي، جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ کي شامل ڪري ان کي سياست جي ور چاڙهيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر ڀيري اسان جو ٽرائل راولپنڊي ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ اهو سڀ سياسي انجنيئرنگ لاءِ ڪيو ويو، پ پ نظرياتي پارٽي آهي، اسان 18هين ترميم ۽ جمهوريت تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، چئلينج ڪيان ٿو ته سنڌ جون اسپتالون ملڪ جون سڀ کان بهتر اسپتالون آهن، اين آءِ سي وي ڊي دنيا جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، اهي سنڌ جون اسپتالون آهن، اسان پنهنجو حق کسجڻ نه ڏينداسين، اسان پنهنجي حق لاءِ عدالتن ۾ به وڃي رهيا آهيون ۽ عوام ۾ به وڃي رهيا آهيون. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري پابندي پيل تنظيمن خلاف ايڪشن وٺي، جڏهن کان سياست ۾ آهيان دهشتگردن، پابندي پيل تنظيمن خلاف آواز اٿاري رهيو آهيان، اپوزيشن خلاف ڳالهائيندڙ مودي ۽ پابندي پيل تنظيمن خلاف هڪ لفظ ناهن ڳالهائيندا، 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو پر پابندي پيل تنظيمن وارن کي نه، اسان ڄاڻون ٿا ڪالعدم تنظيمون توهان جون اتحادي هيون، انهن جي مدد سان توهان چونڊون کٽيون ۽ ڪالعدم تنظيمن جا همدرد وفاقي ڪابينا ۾ به موجود آهن، پوءِ انهن خلاف ڪارروائي ڪيئن ممڪن آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انتهاپسنداڻي سوچ رکندڙ 3 وفاقي وزيرن کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته هڪ وزير ڪارروائي جو مطالبو ڪرڻ تي ملڪ دشمني جو الزام مڙهيو، ٻيو وزير چونڊ مهم دوران سرعام پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو ۽ ٽيون وزير ٽريننگ ڪيمپ سان ڳنڍيل رهيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں