مخالف ڌر جو ڪرپشن تي ڳاٽو مروڙي رکيو آهي، پ پ اڄ کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري، هڪ ئي بيرڪ ڪافي آهي: فواد چوڌري

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي اڄ کان ئي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري، جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات لاهور مان ڪئي وڃي، پنجاب ۾ ضمانتون ضبط ڪرائيندڙن کي جيل ۾ وجهنداسين، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي پ پ لاءِ هڪ ئي بيرڪ ڪافي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ميان صاحب دل جو مريض آهي، سنڌ ۾ علاج جي آڇ نه ڪئي وڃي، سنڌ جي اسپتالن ۾ نواز شريف علاج برداشت نه ڪري سگهندو، سنڌ جي اسپتالن کان بهتر آهي ته علاج ئي نه ڪرائي. هن چيو ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ نئون ايم ڊي پي ٽي وي مقرر ڪيو ويندو، ارشد خان بورڊ جو چيئرمين ۽ ايم ڊي نه هوندو، چوڌري ارشد خان ايم ڊي پي ٽي وي لاءِ درخواست به ناهي ڏني. سندس چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ سول ملٽري لاڳاپا هن وقت مثالي آهن، خوش قسمتي سان سڀ ادارا هڪ پيج تي آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي مرحليوار عملدرآمد جاري آهي، فاٽا انضمام نيشنل ايڪشن پلان جي وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ کي برداشت نٿو ڪري سگهي، جون تائين ايف اي ٽي ايف جا 70 سيڪڙو شرط پورا ڪيا ويندا، اميد آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي لسٽ مان نڪري ويندو، فوجي عدالتن جي توسيع لاءِ اپوزيشن سان رابطو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شاهه محمود قريشي کي فوجي عدالتن جي معاملي تي اپوزيشن سان رابطن جي ذميواري ڏني آهي، افغان طالبان سان ڳالهيون درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، افغانستان ۾ اتفاق راءِ سان حڪومت جي رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم اڄ نئين ويزا پاليسي جو اعلان ڪندو، پهرين مرحلي ۾ 5 ملڪن جي شهرين کي اي ويزا پاليسي متعارف ڪرائي رهيا آهيون، 170 ملڪن کي اي ويزا، 90 ملڪن کي بزنس ۽ 55 کي آن آرائيول ويزا جي سهولت ملندي، پاڪستاني ميڊيا ڀارتي چونڊن جي ڪوريج ڪرڻ چاهي ٿي، اليڪشن جي ڪوريج لاءِ ڀارتي هائي ڪميشن کي خط لکي رهيا آهيون. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي گهروارن کان پڇيو وڃي ته اهي به کين ڪرپٽ ئي چوندا، جائز ڪيسن باوجود سياسي انتقام جون ڳالهيون ڪندڙ عوام کي بيوقوف نه سمجهن، اربين رپيا چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا، رقم واپس گهرڻ تي چون ٿا ته انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جائز ڪيسن ۾ سزا ماڻڻ کانپوءِ به ماڻهن کي بيوقوف سمجهي ٿو، عمران خان جي نواز شريف ۽ زرداري سان ڪا به ذاتي دشمني ناهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن عمران خان ڪرڪيٽر هيو ته نواز شريف مهانگين گاڏين ۾ کيس وٺڻ ايندو هو. فواد چوڌري چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي حوالي سان 3 نڪاتي حڪمت عملي ترتيب ڏئي ڇڏي، پابندي مڙهيل تنظيمن کي غير مسلح ڪيو ويندو، پابندي مڙهيل تنظيمن سان واڳيل ماڻهن کي لاتعلقي تي قرض ۽ نوڪريون ڏينداسين، ٽئين مرحلي ۾ کين قومي ۽ سياسي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں