اسلام آباد(بيورو) بحريا ٽائون پنهنجي ڪراچي واري منصوبي لاءِ 440 ارب مان وڌائي 450 ارب رپين جي آڇ ڪندي نيب کان ڪيس ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، جنهن تي سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 21 مارچ تي ٻڌايو ويندو. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس سعيد شيخ جي سربراهي هيٺ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ بحريه ٽائون گذريل ڏينهن منصوبي لاءِ ڪيل آڇ 440 ارب رپين مان وڌائي 450 ارب رپيا ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران بحريا ٽائون جي وڪيل عدالت کي رقم ادا ڪرڻ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته پنجن سالن تائين 2.25 ارب رپيا ماهوار ادا ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ باقي رقم ٽن سالن ۾ ادا ڪئي ويندي. بحريا ٽائون جي وڪيل نيب ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست سان گڏوگڏ زمين منتقلي جي فيس ۽ ٽيڪس مان ڇوٽ جي به اپيل ڪئي. هن چيو ته 20 ارب رپين جي ڊائون پيمينٽ جڏهن ته قسطن جو 30 سيڪڙو به جمع ڪرائيندا رهنداسين، گارنٽي طور چڙيا گهر، پارڪ ۽ سئنيما پيش ڪنداسين. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته زمين منتقلي واري قانون کي معطل نٿا ڪري سگهون، جيڪي ٽيڪس ۽ سرڪاري فيس ٺهي ٿي اها ڏيڻي پوندي. ٻڌڻي جي موقعي تي ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت جي شخصيتن ۽ آفيسرن جا به بحريا ٽائون بابت ڪيس ختم ڪيا وڃن. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ڊيل بحريا سان ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت سان نه. جنهن کانپوءِ عدالت بحريا ٽائون ڪراچي بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 21 مارچ تي ٻڌايو ويندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟