مٽياري(ڊ ر) پيرپاڳاري جي صدارت ۾ گرينڊ ڊيموريڪٽڪ الائنس جو اجلاس مٽياري هائوس تي اڳوڻي ايم پي اي سيد جلال شاھ ڄاموٽ جي ميزباني ۾ ٿيو، جنهن ۾ جلال شاهه ڄاموٽ، اياز لطيف پليجو، صدر الدين شاهه، ذوالفقار مرزاحسنين مرزا ۽ صفدر عباسي، نصرت سحر عباسي، عرفان الله مروت، غوث بخش مهر، راجا خان مهر، نندڪمار گوگلاڻي، ڪشن چند پارواڻي، مخدوم فضل حسين، سيد حسن مصطفيٰ شاھ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس دوران لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائين جي مذمت ۽ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان کانسواءِ اجلاس دوران سنڌ جي ٽن اهم مسئلن تعليم، صحت ۽ زراعت جي شعبي ۾ سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، جنهن بعد انهن مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ هلائڻ بابت به مشاورت ڪئي پئي وڃي، اجلاس ختم ٿيڻ بعد مٽياري هائوس تي پارٽي جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن کي پيرپاڳاري خطاب ڪندي چيو آهي ته گذريل اليڪشن ۾ جي ڊي اي سنڌ اندر ٻئي نمبر تي ووٽ کنيا پر پوء رزلٽ ڪئين نڪتو ڪنهن جو نڪتو اها ڳالهه به وقت سان ختم ٿي وئي پر آئون اهو اوهان سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اگر جي ڊي اي نه هجي ها ته پ پ پوري سنڌ اندر بنا مقابلي ۾ اچي وڃي ها ۽ پيپلز پارٽي کي ميدان خالي صاف ملي ها پر اسان جي دوستن محنتون ڪيون ۽ سنڌ به اسان سان ملهايو ۽ اسانکي ووٽ ڪيو پر نتيجا تبديل ڪيا ويا، اسان هاڻ اها خواهش آهي ته جي ڊي اي جي تنظيم سازي به ڪجي جيڪا يونين ليول تي ٿيڻ کپي ڇو جو لوڪل گورنمينٽ جا اليڪشن به ٿيڻا آهن اسان کي ان جي به تياري ڪرڻي آهي، ۽ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ اسان بهرپور حصو وٺنداسون ان سلسلي ۾ اياز پليجو ۽ صفدر عباسي ڪم ڪري رهيا آهن، اسان اڄ کانپوءِ هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن ضلعي اندر جي ڊي اي جو اجلاس ڪوٺائينداسون ايندڙ اجلاس لاڙڪاڻي ۾ ٿيندو، پاڪستان جي سرحدن تي ڪافي ٽينشن واري صورتحال آهي اسان هر موڙ تي پاڪ فوج سان هر دم گڏ آهيون، آئون پنهجي جماعت ۽ پنهجي واسطيدارن کي اپيل ڪندس ته اهي سڀ پاڪ فوج سان گڏ بيهن ڇو ته اسان سڀني جي عزت پاڪستان ملڪ جي ڪري آهي، آئون جلد ٿر جو به دورو ڪري رهيو آهيان ٿر جي حالت به تمام خراب آهي جنهن تي حڪومت کي به قدم کڻڻ کپن ته جئين معصومن جون جانيون ضايع نه ٿين، ماڻهن اهو پئي چيو ته جي ڊي اي ختم ٿي وئي پر اها انهن جي غلط فهمي هئي اسان آئندا به ان ئي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو وٺنداسون. اسان اڳ به ووٽ خبر نه آهي ته ڪهري کاتي ۾ هليا ويا. جي ڊي اي جي اجلاس بعد پير سيد صدرالدين شاھ راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سياست کي بهتر انداز ۾ ڪرڻ لاءِ اسان سڀ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون اڄ به ان سلسلي ۾ هتي ويهڪ ڪئي اٿون هر ضلعي اند جي ڊي اي ويندي ۽ متبادل پليت فرام ڏيندي ته جئين بلدياتي اليڪشن ۾ مظبوط طريقي سان پنهجا اميدوار بيهار سامهون وارن جو مقابلو ڪري سگهجي، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجو ميڊيا کي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، جي ڊي اي اجلاس اهو غور ڪيو ويو ته موجودھ دور ۾ سنڌ جي مفادن کي جئين نظر انداز ڪيو ويو آهي انجي مثال ماضيءَ ۾ ڪٿي به نه ٿي ملي، هڪ ٿري کي ايم پي اي، ايم اين اي ٺاهي سڀني جي سامهون پيش ڪن ٿا ۽ سوين ٿري ٻارڙا بک بدحالي سبب مري رهيا هوندا آهن، هڪ عورت کي سينٽرٺاهين ته ۽ درجني لاش عورتن جا روز ٿر مان ملن ٿا، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جنوري کان هلي رهيو آهي 80 ڏينهن ٿي ويا آهن 45 لک روپيا روز هڪ اجلاس تي خرچ اچي رهيو آهي، اجلاس جو فقط مقصد اهو آهي ته پنهجي من پسند ماڻهن کي گهرائي هڪ ٻئي سان ملاقاتون ڪرايون وڃن ٿيون، قانون جي گرفت کان انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، سراج دراني ۽ بلاول جي ملاقات لاءِ به خاص اجلاس ڪوٺايو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي فقط ڪجهه ماڻهن جي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي اسان اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوڪرين ۽ ترقياتي ڪمن سنڌ جي هر ضلعي لاءِ هڪ پيڪيج ڏنو وڃي ته سنڌ پيڪيج ڏنو وڃي، اسان سنڌ جي ترقي لاءِ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تي گڏ بيٺا آهيون، اسان سنڌ پاڻي اندر خاص ڪري بدين ۾ پاڻي جي کوٽ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا، اسان اعلي عدليا کان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ سڪائڻ واري منصوبي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو وڃي، اسان سنڌ اندر هارين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف به احتجاج ڪري رهيا آهيون اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ اندر ٿيندڙ ڪرپشن خلاف ٿيندڙ ڪارواين مان به اسان مطمئن نه آهيون اسان مطالبو ڪريون ٿا ته اربين روپيا لٽيندڙ وڏي مڇين خلاف فوري طور تي ڪاروايون ڪيون وڃن باقي اهي ڇهه ماهي ٽريلر بند ڪيا وڃن. اجلاس توڙي ڪنوينشن جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، پوليس سان گڏ حر جماعت جي جوانن ب سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليا ھئا جلسي گاھ جي داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ به لڳايا ويا هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟