آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، ڪالعدم تنظمين کي هاءِ رسڪ قرار ڏنو آهي: اسد عمر

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ناڻي جي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جا نتيجا جلد اڳيان اچي ويندا، چين سان ايڪسپورٽ جي سهولت لاءِ معاهدو جلد مڪمل ٿي ويندو، ملڪ ۾ ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي، اسان تاجرن کان به ٽيڪس وٺنداسين، نادرا، ايف بي آر جو ڊيٽا استعمال ڪندي، ناڻي جي وزارت ۾ پهريون سيڪريٽري نئين طريقي سان لڳايو پيو وڃي، موجوده سيڪريٽري 21 مارچ تي رٽائرڊ ٿي ويندو، اربع تي اسد عمر بزنس سمٽ ۾ ماهرن سان سوال ۽ جواب ۾ ڳالهائيندي چيو ته ايس ايم اي سيڪٽر لاءِ گهٽ وياج جي شرح تي قرض جي سهولت آهي، هن چيو ته اايسڪپورٽرز جي ڊگهي مدي لاءِ گهٽ وياج جي شرح تي قرض جي سهولت آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو، هن چيو ته سڀ کان اڳ سگريٽ جي شعبي ۾ ان تي عمل لاڳو ڪيو ويندو، هن چيو ته پهريان بينڪن کان ٽيڪس نه وٺندڙ جو ڊيٽا حاصل ڪيو ويندو هو، هن چيو ته اسان قانون کي تبديل ڪيو ۽ ماهرن کي ڊيٽا ذريعي ٽيڪس چوري روڪڻ جو ڪم ڏنو، هن چيو ته مون وٽ هڪ خراب خبر آهي، هن چيو ته اسان تاجرن کان به ٽيڪس وٺنداسين، ايف بي آر جو ڊيٽا عالمي بينڪ کي ڏنو آهي ته جيئن ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي، ناڻي وزير چيو ته حڪومت گورننس سڌارن لاءِ هڪ صلاحڪار مقرر ڪيو، وفاقي وزير چيو ته ناڻي وزارت ۾ پهريون سيڪريٽري نئين طريقي سان مقرر ڪيو پيو وڃي، اسد عمر چيو ته موجوده سيڪريٽري 21 مارچ تي رٽائرڊ ٿي ويندو. ٻئي طرف ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ معاشي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف سان  معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون آءِ ايم ايف جون سفارشون آهن ته بجلي ۽ گئس جا نقصان گهٽايا وڃن هن ٻڌايو ته فنانشنل ٽاسڪ فورس ڪجهه ٽارگيٽ ڏنا آهن ڪالعدم تنظيمن کي هاءِ رسڪ قرار ڏنو ويو آهي هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي اقتصادي طور اڪيلو ڪرڻ چاهي ٿو مني لانڊرنگ پاڪستان وڏو مسئلو آهي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ اڃا گهڻوڪم ڪرڻو آهي چين سان جلد معاهدو ٿي ويندو ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں