“خانگي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهايو” سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور، اپوزيشن اجلاس جو 2 ڏينهن بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

4Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن اسيمبلي اجلاس جو ٻه ڏينهن بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اپوزيشن کي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ جي اجازات ناهي، اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن جون مائيڪون بند رکيون وڃن ٿيون، اسپيڪر جي رمانڊ سبب اجلاس کي ڊگهي عرصي تائين هلايو پيو وڃي، حڪومت اسيمبلي جي تقدس کي خراب ڪري رهي آهي، مطالبا پورا ٿيڻ تائين اپوزيشن ڪنهن به ڪميٽي جو حصو نه بڻجندي. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي احاطي ۾ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن جي پارلياماني اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جو هر شهر هر محلو ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو آهي ته عوام جو پئسو عوام تي خرچ نه پيو ٿئي. فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته اپوزيشن جماعتن احتجاجن ايندڙ ٻه ڏينهن اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو احتجاج مطالبا پورا ٿيڻ تائين جاري رهندو. احتجاج هائوس اندر به ٿي سگهي ٿو ۽ مطالبا پورا ٿيڻ تائين اپوزيشن ڪنهن به ڪميٽي جو حصو نه بڻجندي. هن چيو ته اسان وڌيڪ نه گهري رهيا آهيون جيڪو پيپلز پارٽي وفاق ۾ گهريو هو ايترو سنڌ ۾ ڏنو وڃي، هن چيو ته پاپا، پپو ۽ پڦو کي هلڻ نه ڏينداسون. هاڻي ته چپو به اچي ويو آهي هڪ چاچو به سامهون آيو  آهي. هن چيو ته ڪاريون پٽيون ٻڌي منهن تي پٽي ٻڌي ڪري به اجلاس ۾ وينداسون، بلاول جي انگريزي سان ڪو به فرق نٿو پوي اسان جي شاهه محمود قريشي جي اردو گڏيل قومن ۾ انهن جي انگريزي ڳالهائيندڙ پرڏيهي وزير کان بهتر آهي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن چيو ته روزانو لکين رپيا عوام جا ضايع ڪيا پيا وڃن، اسيمبلي ۾ سنڌ جا مسئلا حل نه پيا ٿين. هن سوال ڪيو ته ڇا اپوزيشن کي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ناهي، حڪومت اسيمبلي جي تقدس کي خراب ڪري رهي آهي جڏهن ته اسان عوام جي مسئلن کي اجاڳر ڪري رهيا آهيون. خواجه اظهار الحسن چيو ته جماعت اسلامي ۽ ٽي ايل پي جو موقف اسان کان مختلف ناهي اهي ٻئي جماعتون به اپوزيشن جو حصو آهن، اپوزيشن جا 65 ميمبر آهن اسان پي اين پي ۽ جماعت اسلامي کي اپوزيشن جو حصو سمجهون ٿا، انهن دوستن کي جلدي خبر پئجي ويندي ته حڪومت انهن سان ڪهڙي گيم کيڏي رهي آهي، حڪومت اسان کي ويڙهائي رهي آهي، اسيمبلي ۾ عوام لاءِ ڪجهه به ناهي. هن چيو ته 150 کان وڌيڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ڏنا ويا، اهم سوال ڪيا ويا پر وزيرن تسلي بخش جواب نه ڏنو. اسان جو مقصد صرف پي اي سي ۽ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو صرف اهو آهي ته حڪومت کي سڌي رستي تي آڻيون. وڏو وزير جواب ڏئي سي او ڊي ايم ڪيو ايم سان ملي حڪومت نه ٺاهڻ تي ڇا چيو، زرداري يوسف رضا گيلاني کي اسان ووٽ نه ڏنا هئا. رحمان ملڪ اسان جي ووٽ سان سينيٽر نه چونڊيو هو، رضا رباني اسان جي ووٽن سنا چيئرمين نه ٿيو هو. هن چيو ته مان اسيمبلي ۾ ايندو آهيان اسان وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. 70 ڏينهن ۾ 8 مسئلا به حل ناهن ٿيا، اسيمبلي حڪومت جي اوطاق بڻيل آهي، شهريار مهر مون کان پهريان اپوزيشن اڳواڻ هو ان وقت کان پيپلز پارٽي جو اهو ئي حال آهي. ڪنور نويد جميل چيو ته اسان اسيمبلي جي 80 ڏينهن ۾ بار بار پنهنجو موقف ڏنو، اسيمبلي جي اجلاس کي عوام جي مفاد لاءِ هلڻ گهرجي پر ائين ناهي، اسان وٽ اهو ئي آپشن هو ته اسين احتجاج جي صدا بلند ڪريون.  هن چيو ته پهريون دفعو اسپيڪر تي به ڪيس ٺهيا، وزير ۽ ميمبر گرفتار ٿيا، وڏي وزير تي به الزام آهن ان ڪري حڪومت پي اي سي جي چيئرمين شپ وٺڻ چاهي ٿي ۽ چيئرمين شپ اپوزيشن کي نه پئي ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته هو ڪرپشن تي پردو وجهڻ چاهين ٿا. ايوان ۾ اپوزيشن جون مائيڪون بند رکيون وينديون آهن. 70 ڏينهن کان انتظار ڪيو آهي ان بعد احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اسپيڪر جي رمانڊ سبب اجلاس کي ڊگهو ڪيو ويو آهي. جي ڊي اي جي حسنين مرزا چيو ته اسيمبلي جي هي عمارت صوبي جي ماڻهن جي اميد آهي، 73 ڪروڙ رپين سان اسيمبلي هلائي پئي وڃي. هن چيو ته اسان مختلف عوامي مسئلن تي روشني وڌي آهي پر ڪو به فرق ناهي پيو. بدين ۾ پاڻي ناهي اتان جا ماڻهو ڀٽڪي رهيا آهن پر ان تي ڪو به ڳالهائڻ وارو ناهي، هيپاٽائيٽس جي ڦهلجڻ کان وٺي بدين ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳالهايو پر ڪجهه نه ٿيو. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي عمارت سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جي اميدن جو محور آهي. پاڪستان جي آئين جو ڪتاب ٽن ٿنڀن جي نشاندهي ڪري ٿو. نيب جي نوٽيس تي 168 ميمبرن کي يرغمال بڻايو ويو آهي. رمشا وساڻ تي ڳالهايون ٿا ته انصاف نٿو ملي. اپوزيشن جي مينڊيٽ جو احترام نه پيو ڪيو وڃي، حڪومتي روين اپوزيشن کي روڊن تي آڻڻ تي مجبور ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي خرم شير زمان جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ۾ اچڻ جو مقصد ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ وائيٽ ڪرائيم ڪرمنلز جي موجودگي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، تعليم صحت ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي چاهيون ٿا. اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ عوام لاءِ آواز بلند ڪرڻ چاهيون ٿا ڇا سبب آهي حڪومت کي ڇو موت پيو اچي، اسيمبلي اجلاس تي 48 کان 50 لک رپيا روزانو خرچ آهي، آڊيٽر جنرل جي ڪتاب ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ميمبر مفتي قاسم فخري وفاقي وزير فيصل واوڊا پاران نبي ڪريمﷺ جي شان اقدس ۾ گستاخي جو مرتڪب قرار ڏيندي هن کي ملعون چئي ڇڏيو، جڏهن ته ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فريئر هال ڪراچي ۾ ٿيندڙ مارچ کي گهٽيا ڪوشش قرار ڏيندي چيو آهي ته اها اسلام سان مذاق آهي. هن چيو ته مظاهرو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين. ايوان ۾ پرائيويٽس ميمبر ڊي جي موقعي تي پ پ جي ماروي راشدي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهائڻ بابت هڪ قرارداد کي پڻ منظور ڪيو ويو. ڪارروائي دوران تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ميمبر قاسم فخري پنهنجي اعتراض واري نقطي تي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته وفاقي وزير فيصل واوڊا نبي آخر زمان صه جي شان ۾ توهين ڪئي آهي. فيصل واوڊا جي توهين آميز جملن سان سڀني مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته سڀ کان وڏو ماڻهو عمران خان آهي جڏهن ته نبي آخر زمان حضرت محمدﷺ کان اعليٰ ۽ افضل ڪو به بشر ناهي. مفتي قاسم فخري چيو ته اسان سڀ عاشق رسول آهيون. فيصل واوڊا جي جملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن اهڙن جملن جي ادائيگي تي فيصل واوڊا کي ملعون قرار ڏنو جنهن تي پ پ جي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فيصل واوڊا پنهنجي انهن جملن تي معذرت ڪري چڪو آهي، مون کي پي ٽي آءِ سان ڪا همدردي ناهي نه ئي محبت آهي. فيصل واوڊا پنهنجي جملن تي الله پاڪ ۽ قوم کان معافي ورتي آهي ان ڪري هاڻي ان جي اهڙي غلطي کي درگذر ڪري ڇڏڻ گهرجي جنهن تي مفتي قاسم فخري چيو ته فيصل واوڊا کي ووٽ ڏيندڙ توبه تائب ٿين. ايوان ۾ ڪارروائي دوران هڪ ٻئي اعتراض واري نقطي تي ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فريئر هال ڪراچي ۾ هڪ مظاهرو ٿيو جنهن ۾ شريڪ عورتن جيڪي هينڊ بل هٿن ۾ کنيا هئا انهن سان نه صرف عورتن جي تذليل ڪئي وئي پر اسلامي تقدس جو مذاق پڻ اڏايو ويو، اسان کي مائرن ۽ ڌيئرن ان شيءِ کان بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مان سنڌ حڪومت کان پڇان ٿو ته اهڙي قسم جي سرگرمين جي اجازت ڪير ڏيندو آهي، اهڙي اجتماع ۾ شريڪ هڪ شخص جو انٽرويو نشر ٿيو جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو ته جيستائين پاڪستان ۾ نڪاح تي پابندي نٿي لڳي ائين ئي ٿيندو رهندو. هن چيو ته عورتن کي روڊن تي آڻي تذليل ڪرڻ جي مذمت ڪريان ٿو ۽ اهڙو مظاهرو ڪرائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس. امتياز شيخ اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جو اهڙي ڪنهن به سرگرمي يا مظاهري سان ڪو به تعلق ناهي، ڪنهن به پنهنجي طور جيڪڏهن ڪو اهڙو اعتماد ڪيو  هوندو ڪو هڪ اڌ پوسٽر هوندو باقي پوسٽر ڪن ٻين جا هوندا. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو علم ناهي سنڌ حڪومت ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني هئي، ايوان پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي پ پ جي عورت ميمبر ماروي راشدي جي هڪ قرارداد جيڪا نجي، سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهائڻ بابت هو تنهن کي منظور ڪري ورتو. قرارداد پيش ڪندڙ ماروي راشدي جو چوڻ هو ته نجي اسڪول ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ کان لهرائي رهيا آهن جنهن جي حق ۾ ڪيترن ئي حڪومتي ڌر جي ميمبرن خيالن جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان جي مادري زبان ٻارن کي نه پئي سيکاري وڃي ته انهن جي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ايندي. پ پ جي هير اسماعيل سوهو چيو ته نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ اردو سنڌي جو لازمي پڙهائڻ کي يقيني  بڻايو وڃي. تعليم جي وزير سردار شاهه چيو ته نجي تعليمي ادارن جي پاليسي صرف منافعو ڪمائڻ جي آهي. هن چيو ته ٻارن ۾ قدرتي طور تي اها صلاحيت هوندي آهي هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي زبانون سکي سگهن ٿا. سيد سردار شاهه چيو ته جيڪي قومون پنهنجي ثقافت وساري ڇڏينديون آهن اهي برباد ٿي وينديون آهن ۽ جيڪي قومون پنهنجي تهذيب کي ياد رکنديون آهن اهي ترقي ڪنديون آهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ جي گريجوئيٽ کي ٺيڪ طرح سان انگريزي به ڳالهائڻ نٿي اچي. بعد ۾ ايوان ان قرارداد کي متفقه طور منظور ڪري ورتو ۽ اجلاس اڄ اربع ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں