ججن جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ جو فيصلو، سمورين بار ڪائونسلن کان سفارشون طلب

3Shares

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ججن جي مقرري جو طريقي ڪار تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سفارشون طلب ڪيون آهن. اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ڪميٽي ججن جي مقرري جو طريقي ڪار تبديل ڪرڻ تي ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ججن جي مقرري جي طريقي ڪار ۽ اهليت تي سمورين بار ڪائونسلز کان سفارشون گهريورتيون. اسٽينڊنگ ڪميٽي چيئرمين رياض فتيانا چيو ته ججن جي مقرري لاءِ تحريري ۽ نفسياتي ٽيسٽ ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان طريقي ڪار طئي ڪرڻ لاءِ عوامي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. راڻا ثناءُ الله چيو ته ججن جي مقرري جو طريقي ڪار اعتراض جوڳو آهي، جنهن کي تبديل ٿيڻ گهرجي، ججن جي مقرري ۾ عدليا حاوي آهي. ڪميٽي ميمبرن چيو ته ججن جي مقرري جي طريقي ڪار تي باضابطي طور بحث ٿيڻ گهرجي، پارلياماني ڪميٽي جو ڪم رڳو آڱوٺو هڻڻ آهي. رياض فتيانا ٻڌايو ته اڳوڻي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي لاڳاپيل چيف جسٽس کانسواءِ ئي مقرري ڪري ڇڏي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاڳاپيل جج جي مقرري جي سفارش نه ڪئي هئي، پارلياماني ڪميٽي جج جو نالو رد ڪري ڪيو ته پٽيشن ڪرائي مقرري ڪئي وئي. راڻا ثناءُ الله چيو چيف جسٽس چئي ٿو ته قانون اهو هوندو، جيڪو اسان طئي ڪنداسين، ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، قانون ڪنهن جو حتمي هوندو، قانون ته پارليامينٽ ٺاهيندي آهي. عاليا ڪامران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل 2019 ڪميٽي ۾ پيش ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن لاءِ هر صوبي جي ڪوٽا هجڻ گهرجي، قانون واري وزارت بل جي مخالفت ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جو طريقي ڪار موجود آهي، ان تي مونجهارو 18هين ترميم ۾ پيدا ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي بحث کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل رد ڪري ڇڏيو.03

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں