اسلام آباد(بيورو) جرمنيءَ جي پرڏيهي وزير هائيڪو ماس پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ٻن طرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ سميتمختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جرمن هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پلواما حملي کانپوءِ ڀارت طرفان مداخلت توڙي خطي ۾ امن امان جي ڇڪتاڻ جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڀارتي اڳرائي باوجود وزيراعظم عمران خان خير سگالي جي جذبي تحت ڀارتي پائليٽ کي انڊيا حوالي ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه علائقائي ۽ عالمي مسئلو آهي، دهشتگردن پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري رهيا آهيون. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڳالهيون اڻٽر آهن، مسئلي تي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. جرمني جي پرڏيهي وزير طرفان ٻنهي ملڪن کي پنهنجا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. هائيڪو ماس چيو ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ۾ واپار، اقتصادي ۽ ثقافتي سهڪار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. جرمني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان سٺا لاڳاپا آهن، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، پاڪستان سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار کي اڳيان وڌائينداسين، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سان جرمن پرڏيهي وزير هائيڪوماس ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پاڪ_جرمن لاڳاپن ۽ خطي جي سلامتي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. ذريعن مطابق پاڪ_ڀارت هاڻوڪي ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان پاران ڪيل امن وارن قدمن تي وزيراعظم عمران خان ۽ جرمن پرڏيهي وزير وچ ۾ ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟