ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ (اي ڊي بي) جي وفد جنھن جي اڳواڻي سندن ڊائريڪٽر جنرل ورنر اِي ليپاچ سان گڏ اجلاس منعقد ڪيو ۽ مختلف رٿائن جھڙوڪ معاشي ترقي ۽ چيلنجز، ڪراچيبي آر ٽي، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) يونٽ کي مستحڪم ڪرڻ، تعليمي رٿائن ۽ ٻين سنڌ پرووينشنل روڊ پروجڪٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان ڳالھھ تي اتفاق ڪيو ويو تھ ضروري ڪاغذي ڪارروائي جي تڪميل کان پوءِ انھن کي شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپال سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، تعليم وارو سيڪريٽري قاضي شاھد پرويز، ناڻي وارو سيڪريٽري نجم شاھھ، سيڪريٽري ورڪس ساجد عباسي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اختر غوري، ڊائريڪٽر جنرل پي پي پي يونٽ خالد شيخ شرڪت ڪئي، جڏھن تھ اي ڊي بي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊيائو اونگ يانگ، فنانشل سيڪٽر اسپيشلٽ ثناءَ مسعود، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شاھد محمود شامل ھئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ بي آر ٽي ريڊ لائين تمام اھم رٿا آھي ۽ سندس خواھش آھي تھ انکي ايندڙ مالي سال کان شروع ڪيو وڃي. اي ڊي بي پاران فراھم ڪيل فني سھڪار تحت ان جي تجويز کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي. اي ڊي بيءَ ڪراچي جي اربن ٽرانسپورٽ سسٽم (يو ٽي ايس) جي بھتريءَ لاءِ 9.7 ملين ڊالرز جي سھڪار سان ھڪ ترقياتي رٿا فراھم ڪيو آھي. فني ۽ مالي سھڪار کانسواءِ اي ڊي بي بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) ڪوريڊور تي عملدرآمد ۽ ادارن ۽ تنظيمن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ سھڪار ڪري رھيو آھي. اي ڊي بي جائيڪا جي ترجيحي بنيادن تي بي آر ٽي ڪوريڊور لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرڻ لاءِ بھ فني سھڪار ڪيو آھي. ريڊ لائين بي آر ٽي واري رٿا کي تفصيلي اسٽڊيز جي بنياد تي ترقي ڏني وئي آھي ان ڪوريڊور جي ڊيگھھ 29.1 ڪلوميٽر آھي ۽ گريڊ سيڪشن 26.3 ڪلوميٽر ۽ ايليويٽڊ سيڪشن 0.8 ڪلوميٽر ۽ انڊرگرائونڊ 1.9 ڪلوميٽر آھي. ريڊ لائين پروجيڪٽ جي الائينمينٽ نمائش کان خداد ڪالوني وايھ شاھراھھ قائدين کان ڪشمير روڊ، پيپلز سيڪريٽريٽ، نيو ايم اي جناح روڊ، جيل چورنگي، عسڪري پارڪ، سوڪ سينٽر، يونيورسٽي روڊ، صفوران چوڪ، ملير ڪينٽ، گيٽ نمبر 6، ٽينڪ چوڪ ۽ ملير ھالٽ وٽ ان جو اختتام ٿيندو. ان جا 29 اسٽيشن ھوندا، روزاني 3 لک 50 ھزار ماڻھو سفر ڪندا. ان سسٽم تحت 30 ھزار في ماڻھو في ڪلاڪ روزانو جي گنجائش ھوندي. ان ۾ 217 بسن جو فليٽ ۽ رٿا جي لاڳت 562.3 ملين رپين جي لاڳت ايندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ۽ اي ڊي بي ڊائريڪٽر جنرل 165 ملين ڊالرز واري سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپرومينٽ پروجيڪٽ (ايس ايس اِي آءِ پي) تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان رٿا تحت سنڌ اسڪول ايجوڪيشن سسٽم سان تعاون ڪيو ويندو ۽ ان جا ٽي جز آھن. ان جي تحت معياري سيڪنڊري تعليم جي توسيع، ٽيچنگ ۽ لرننگ جي صلاحيتن کي بھتر بڻائڻ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن ايگزامنيشن سسٽم کي بھتر بڻائڻ آھي، اھو ھڪ 6 سالا رٿا ھوندي ۽ ان تي سڄي صوبي ۾ عملدرآمد ٿيندو. پي ڊي ڊبليو پي ان رٿا کي گذريل سال ڪليئر ڪيو ھو ۽ 105 اسڪول چونڊيا ويا ھئا ۽ ان جي پھرين مرحلي ۾ ايندڙ مالي سال کان آغاز ڪيو ويندو. وڏي وزير سندس ٽيم سان گڏ 41200 ملين رپين جي 847 ڪلوميٽر ڊگھا سنڌ پرووينشنل روڊز فيز ٽو پروجيڪٽ بابت بھ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ان اٿا تحت 19 روڊ ٻيھر تعمير ڪيا ويندا. انھن ۾ 17 ڪلوميٽر مھراڻ ھاءِ وي (ايم ايڇ ڊبليو) خيرپور کان سئي گيس چوڪ کان ھنگورجا، 20 ڪلوميٽر مھراڻ ھاءِ وي پڪا چانگ کان ڀريا اسٽاپ (اين-5)، 28 ڪلوميٽر اين-5 قاضي احمد کان دوڙ (ايم ايڇ ڊبليو)، 58 ڪلوميٽر ڏوڪري کان راڌڻ وايھ باڊھھ لنڪ نصيرآباد (اين-5)، 80 ڪلوميٽر روڊ ٽنڊو محمد خان کان سجاول وايھ ڀلڙي شاھھ ڪريم، 67 ڪلوميٽر روڊ حيدرآباد کان ٽنڊو غلام علي وايھ شيخ ڀرڪيو لنڪ کان چنبڙ، 40 ڪلوميٽر روڊ اين-5 دادلوئي کان عادل پور وايھ چيچرو لنڪ ٽو پنوعاقل وايھ روجو (گھوٽڪي-پنوعاقل وارو علائقو)، 60 ڪلوميٽر روڊ ٺل کان باھو کوسو لنڪ الھداد (بلوچستان واري سرحد)، ڳڙھي ڀٽو 38 ڪلوميٽر روڊ اين-5 کان خيرپور کان لاڙڪاڻو وايھ احمد پور رپري، 50 ڪلوميٽر روڊ شڪارپور کان چڪ جھان خان، 58 ڪلوميٽر روڊ شھدادڪوٽ کان رتوديرو وايھ ميروخان لنڪ ٽو قمبر، 45 ڪلوميٽر شڪارپور کان سکر- لاڙڪاڻو لنڪ ٽو بدو وايھ ڊکڻ، 35 ڪلوميٽر ميرپورماٿيلو کان خانپور لنڪ ٽو حيات پتافي کان جروار (ضلعو گھوٽڪي)، 43 ڪلوميٽر روڊ مٽياري کان اڏيرو لعل وايھ نصرپور ۽ اڏيرو لعل اسٽيشن، 36 ڪلوميٽر روڊ ٽٺو-جھمپير وايھ ستيون برادآباد روڊ، ٽٺو-حيدرآباد روڊ تائين، 40 ڪلوميٽر روڊ مٺي کان ڏيپلو 60 ڪلوميٽر روڊ تلھار کان ڊگھڙي وايھ ٽنڊو باگو، 37 ڪلوميٽر روڊ انڊس ھاءِ وي کان رني ڪوٽ ميري ڪوٽ پلن سميت، 35 ڪلوميٽر روڊ ٺل کان جيڪب آباد وايھ سنھري روڊ شامل آھن. انفراسٽيڪچر ۽ سماجي خدمتن لاءِ صوبي جي دستياب سرڪاري وسيلن کان ڪتب آڻڻ جي ضرورت آھي. انفراسٽيڪچر جي گھرجن کي موئثر طريقي ۽ گھٽ لاڳت سان گڏ تدارڪ ڪرڻ آھي ۽ وڌيڪ خانگي شراڪت کي انفراسٽيڪچر سروس جي ڊليوريءَ لاءِ يقيني بڻائڻ آھي. سنڌ حڪومت اي ڊي بي جي سھڪار سان پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) کي سنڌ ۾ توسيع ۽ بھتر ڪرڻ آھي. ان رٿا جي تخميني لاڳت 184.13 ملين ڊالرز آھي جيڪا اي ڊي بي ۽ سنڌ حڪومت برداشت ڪندا. ان رٿا تحت سمورن پي پي پي يونٽس کي مستحڪم ڪرڻ بشمول آفسرن جي صلاحيتن ۾واڌ آڻڻ ، پي پي پي قانون ۾ ضروري ترميم تجويز ڪرڻ ۽ ٻين سڌارن کي متعارف ڪرائڻ ھوندو.04
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟