هوائي فوج پاران وڏي فاصلي تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو

1Shares

اسلام آباد(بيورو) پاڪ فضائيا ڏينهن ۽ رات ۾ هدف کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ ۾ ٺاهيل ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پاڪ فضائيا جي ترجمان موجب پاڪستان جي ايف 17 ٿنڊر جهاز سان ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ملڪ ۾ ٺاهيل ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيوآهي، ميزائل ڏينهن ۽ رات ۾ هدف کي ٺيڪ نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ترجمان موجب ملڪي سطح تي تيار ڪيل ان جديد ميزائل جي ڪامياب تجربي سان جي ايف – 17 ٿنڊر کي ڏينهن ۽ رات ۾ ڊگهي فاصلي جي هدف کي ٺيڪ ٺيڪ نشانو بڻائڻ جي صلاحيت حاصل ٿي وئي آهي ۽ ان جديد ميزائل سان جي ايف 17 ٿنڊر جهاز کي ليس ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته ڪامياب تجربي تي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان سائسندانن ۽ انجنيئرن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان عظيم ڪاميابي تي پاڪ فضائيا کي مبارڪ پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي بچاءَ ۾ هڪ عظيم سنگ ميل جي حيثيت رکندڙ اهو تجربو فخر لائق پاڪستاني سائسندانن ۽ انجنيئرن جي صلاحيتن جو چٽو ثبوت آهي. ايئر چيف مارشل جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي پر جيڪڏهن دشمن جارحيت ڪئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں