ڪراچي ۾ سي ويو تي پوليس اهلڪارن جو جوڙي تي تشدد، 3 اهلڪار گرفتار، نوڪرين تان برطرف

4Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سمنڊ ڪناري شادي شده جوڙي سان بدتميزي ڪندي کين سرعام تشدد جو نشانو بڻايو. رپورٽن مطابق ڪراچي سي ويو تي موٽرسائيڪل سوار ٻن پوليس اهلڪارن سمنڊڪناري سير تي گهمڻ آيل پرڻيل جوڙي سان نه رڳو بدتميزي ڪئي پر عورت جي مڙس کي سرعام تشدد جو نشانو به بڻايو. پوليس اهلڪارن جي جوڙي تي تشدد جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي واقعي تي ايڪشن وٺندي ٽنهي اهلڪارن کي ملازمت سان برطرف ڪندي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف نوڪرين تان برطرف ڪيل پوليس اهلڪارن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب برطرف ڪيل اهلڪارن ۾ احمد خان، زاهد علي ۽ قربان علي شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب 3 اهلڪار اي ايس آءِ ذوالفقار علي، احمد خان ۽ قربان علي کي ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زاهد علي فرار آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي سائوٿ پير محمد شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته گذريل ڏيھن سي وي يو تي پيش آيل واقعي سبب پوليس ڊپارٽمينٽ جو نالو بدنام ٿيو آھي، ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پھرين ئي اسان کي خبر پئجي وئي ھئي، جنھن کانپوءِ اسان فورن نوٽيس ورتو پر وڊيو وائرل ٿي چڪي ھئي. واقع ۾ ملوث پوليس اھلڪارن کي ڪراچي پوليس چيف نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي، اسان متاثر فيملي سان رابطو ڪيو، جنھن سان ھي واقعو پيش آيو ھو، اسان واقعي ۾ ملوث پوليس اھلڪارن جنھن ۾ ھڪ ايس ايس آءِ ۽ پوليس اھلڪار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي. ٻنهي اهلڪارن جي ڊيوٽي سي وي يو تي نه هئي، هڪ اهلڪار احمد خان جي ڊيوٽي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي هئي ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار سيڪيورٽي ٽو ۾ مقرر هو. ٻئي پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي سي ويو ويا هئا، ڪنھن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں