ملتان سلطانز جي لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي ڪراچي ڪنگز کي شڪست

0Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز ۽ پشاور زلميءَ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب  پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي 29هين مئچ ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان شعيب ملڪ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور قلندرز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون ٺاهيون. ايونٽ جي پنهنجي آخري مئچ ۾ به لاهور قلندرز جي بيٽنگ لائن مايوس ڪندڙ نظر آئي، سهيل اختر 5، حارث سهيل 7، ڊيوڊ ويسي 30، گنارتني 12 ۽ ڪپتان فخر زمان 53 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ملتان سلطانز پاران محمد عباس 3، شاهد آفريدي 2، محمد الياس ۽ ڪرس گرين هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.  ملتان سلطانز 141 رنسن جو هدف 12.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. شان مسعود 48 ۽ جانسن چارلس 25 بالن تي 41 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي نمايان رهيا. لاهور پاران شاهين شاهه آفريدي ۽ ڊيوڊ ويسي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. محمد عباس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻئي ٽيمون اڳ ئي ايونٽ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن، ان لاءِ هن مئچ جي نتيجي سان پوائنٽس ٽيبل تي ڪواليفاءِ ٽيمن تي ڪو فرق نه پوندو. ليگ جي 30 هين ۽ آخري گروپ ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 61 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت نه ٿيو. پشاور زلمي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنسون ٺاهيون. ڪامران اڪمل 86 ۽ امام الحق 59 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي. ڪراچي ڪنگز طرفان محمد عامر 3، ڪولن منرو 2 ۽ عثمان شنواري هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڪراچي ڪنگز جي ٽيم 16.2 اوورن ۾ 142 رنسن تي ڍير ٿي وئي. 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. انگرام 71 ۽ عماد وسيم 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پشاور طرفان حسن علي 3، سمين گل، ملز ۽ وهاب رياض 2-2 وڪيٽون ورتيون. ڪامران اڪمل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. 06

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں