پاڪستاني پيار ڪندڙ آهن، هتان جي ثقافت تمام گهڻو متاثر ڪيو: ڊيرن سيمي

1Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي جي گورنر هائوس آمد تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کيس ڀليڪار ڪيو، ان موقعي تي گورنر سنڌ ڊيرن سيمي کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجي آمد کي تاريخي بڻائڻ لاءِ گورنر هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي. ڊيرن سيمي سندس اها درخواست قبول ڪندي گورنر هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر چيو ته عالمي رانديگرن جي پي ايس ايل ۾ شرڪت ان ڳالهه جو اظهار آهي ته پاڪستان خاص ڪري ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ هتي عالمي ڪرڪيٽ واپس اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ان موقعي تي ڊيرن سيمي چيو ته کيس پاڪستان خاص ڪري ڪراچي اچڻ تي تمام وڏي خوشي ٿي آهي، ان کان پهرين به هو هتي جو دورو ڪري چڪو آهي، هتي جا ماڻهو مهمان نواز ۽ پيار ڪندڙ آهن. هن چيو ته هو پاڪستان جي ثقافت کان تمام گهڻو متاثر آهي، هتي جا کاڌا به تمام گهڻا لذيذ آهن، خاص ڪري برياني تمام گهڻي پسند آهي. هن چيو ته ڪاميابي ڪنهن به ٽيم جي هجي آخر ۾ ڪرڪيٽ ۽ پاڪستان جي ڪاميابي ٿيندي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں