ماهرا خان سوشل ميڊيا تي به ميدان ماري وئي

1Shares

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا ماهرا خان شوبز سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا ۾ به مقبوليت جي حوالي سان ساٿي اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ماهرا خان پاڪستان جي موجوده دور ۾ پهرين جوڙ جي اداڪارا آهي، جنهن مقبوليت ۾ سڀني اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته هوءَ سوشل ميڊيا تي پڻ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري مداحن جي حوالي سان سڃاتي ويندي آهي. ان ڳالهه جو اندازو سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سندس فالوئرز جو انگ ٻين اداڪارائن کان وڌيڪ آهي. ٽوئيٽر تي ماهرا خان جي فالوئرز جو انگ 1.77 ملين (17 لک 70) هزار آهي، جيڪو ڪنهن به پاڪستاني اداڪارا جي حساب سان سڀ کان گهڻو آهي. ماهرا خان کي نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ پڻ وڏي اهميت ڏني ويندي آهي ۽ اتي به اداڪارا جا ڪيترائي مداح آهن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں