اداڪارا ميشا شفيع عدالت ۾ ڪوڙا ڪاغذ جمع ڪرايا: علي ظفر جو وڪيل

1Shares

اسلام آباد (شوبز نيوز) مشهور راڳي علي ظفر جي وڪيل بيرسٽر حسن نيازي چيو آهي ته علي ظفر ڳائڻي ميشا شفيع خلاف ڪرمنل ڪاروائي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ميشا شفيع پنهنجي خلاف دعويٰ جي جواب ۾ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو. تفصيلن موجب حسن نيازي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو هو ته ان ڏوهه جي سزا ڏهه سال قيد آهي، علي ظفر پاران داخل ڪيل ساک متاثر ڪرڻ واري ڪيس ۾ ميشا شفيع پنهنجي بچاءَ ۾ جيڪي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن جيڪي ڪوڙا آهن. حسن نيازي طرفان درخواست جو هڪ اسڪرين شارٽ به شيئر ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تقريبن هڪ سال ٿي ويو آهي ته ٻي ڌر طرفان مسلسل دير ڪري عدالت جو قيمتي وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، ۽ اڄ به ائين ئي ٿيو، حيران ڪندڙ طور تي اڄ عدالت ۾ استدعا ڪئي وئي ته ميشا شفيع ملڪ کان ٻاهر آهي پر ٻي پاسي سوشل ميڊيا تي هن جي تصوير وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ “عورت مارچ ۾ شريڪ آهي”.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں