هاڻي واٽس ايپ ڪهڙن سمارٽ فونن۾ نه هلندو؟

0Shares

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موبائيل ايپلي ڪيشن جي مشهور ترين ايپ”واٽس ايپ“ هاڻي پراڻن آئي فونن ۽ اينڊرائڊ سمارٽ فون تي نه هلندو. واٽس ايپ بلاگ پوسٽ موجب واٽس ايپ هاڻي ان تمام سمارٽ فون ۾ نه هلندو جنهن جو ورزن 2.3.7، نوڪيا ايس 40 هوندو يا وري آئي او ايس 7 هجي. بلاگ پوسٽ موجب پهرين فيبروري 2020 تائين مڪمل طور تي واٽس ايپ پراڻن ورزن تي ڪم نه ڪندو. گوگل فگر( Google Figure )موجب هاڻي به 0.3 سيڪڙو اينڊرائڊ ديوائس پراڻي ورزن تي هلي رهيو آهي، جيڪي تقريبن 6 ملين ٽيبلٽس ۽ سمارٽ فون ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. اهي صارفين جيڪي ان سسٽم کي استعمقال ڪري رهيا آهن اهي هاڻي ان تي ڪو نئو اڪائونٽ نٿا ٺاهي سگهن، پر هو پنهنجي اڪائونٽ کي مقرر تاريخ تائين جاري رکي سگهن ٿا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں