لاهور (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري پنجاب حڪومت جي اجازت کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره، مصطفيٰ کوکر، علي قاسم گيلاني ۽ حسن مرتضيٰ به موجود هئا. ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول جي ڪوٽ لکپت جيل آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام نهايتسخت ڪري پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي. بلاول ۽ نواز شريف وچ ۾ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي، بلاول چيو ته ميان صاحب اميد آهي ته ايندڙ ملاقات جيل کان ٻاهر ٿيندي نواز شريف کلي چيو ته اهو به چئي ڇڏيو ته اها ملاقات تمام جلد ٿيندي ٻنهي اڳواڻن ميثاق جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو بلاول چيو ته ميان صاحب اوهان ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيا آهيو هي ماڻهو اوهان کي گهڻو وقت بند نٿا رکي سگهن نواز شريف چيو ته بلاول صاحب اسان جيڪي غلطيون ڪيون سي ڪيون پر هاڻي غلطي جي ڪابه گنجائش ناهي هن اعتراف ڪندي چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 بابت پ پ جي آڇ ٺڪرائي غلطي ڪئي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڪراچي جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج جي آڇ ڪئي آهي.ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڪراچي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ علاج ڪرائڻ جي آڇ ڪندي چيو ته اين آءِ سي وي ڊي پاڪستان جو بهترين ادارو آهي، توهان اين آءِ سي وي ڊي ۾ اچي پنهنجو علاج ڪرايو.ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف بيمار لڳي رهيو هو، کيس صحت جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته بيمار قيدي کي علاج جون بهترين سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، نواز شريف کي قيد ۾ رکي ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميثاق جمهوريت تي عمل نه ڪرڻ اسان جي ناڪامي آهي، ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف پاڻ چيو ته هو نظرياتي بڻجي ويو آهي، پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندو، هو پنهنجي اصولن تي قائم آهي، ڪنهن به قسم جي ڊيل جو تاثر نه ٿو ملي.هن چيو ته دل جي مريض کي دٻاءَ ۾ رکڻ مٿس تشدد ڪرڻ برابر آهي، نواز شريف جي حڪومت سان ڊيل جون ڳالهيون پکيڙيون پيون وڃن جنهن ۾ ڪابه سچائي ناهي، نواز شريف سان ملاقات ۾ ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنگ جي ماحول ۾ ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري غير سياسي فيصلو ڪيو ويو.هن چيو ته منهنجو والد 11 سال جيل ۾ رهيو پر ڪو به الزام ثابت نه ٿيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ خطاب ڪري ملڪ ۾ اتفاق راءِ جي ماحول کي نقصان پهچايو ويو آهي، اسد عمر پڙهيل لکيل جاهل ماڻهو آهي، مان ڪڏهن به پنهنجي نالي ۾ زرداري استعمال ڪرڻ کان نه روڪيو آهي، عمران خان ته نيازي استعمال نه ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آهي، منهنجي تقرير کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ اسد عمر جي جواب تي هر پاسي تنقيد ٿي رهي آهي، مان پارليامينٽ ۾ حڪومت تي جمهوري تنقيد ڪئي.هن چيو ته شهباز شريف سان رابطو رهندو آهي، مريم نواز سان به ملاقات ڪري سگهان ٿو، مريم نواز خاموش نه آهي هوءَ بيان ڏيندي رهندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو نانو ۽ والد ڪوٽ لکپت جيل ۾ رهي چڪا آهن، مان نه ٿو چاهيان ته سڀاڻي وزيراعظم به جيل ۾ هجي ۽ سندس ٻار انصاف لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄن. هن چيو ته پ پ پ ۽ ن ليگ هڪ ٻئي کان غلطين جي معافي وٺي چڪا آهن، اميد آهي ته نواز شريف پنهنجي نظرياتي سياست جاري رکندو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟