حڪومت پاران ستن گهرن لاءِ قرض ڏيڻ جو اعلان، هاڻي رياست جو مائينڊسيٽ تبديل ٿي چڪو آهي: وزيراعظم

1Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو ته آهي ته جيستائين عام ماڻهن لاءِ پيسن جو انتظام نه ڪنداسين، گهر نه ٺاهينداسين. اسلام آباد ۾ گهٽ لاڳت گهرن جي تعمير لاءِ مالياتي پاليسي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هاڻ رياست جو مائنڊ سيٽ تبديل ٿي چڪو آهي، هاڻ سوچ اها آهي ته غربت ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته چين انهيءَ حڪمت عملي تحت آبادي کي غربت مان ڪڍيو، حڪومت جي سوچ آهي ته هيٺين طبقي کي ڪيئن مٿي آندو وڃي. عمران خان چيو ته اسان 5 سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهڻ چاهيون ٿا، انهن 50 لک گهرن جي تعمير لاءِ ضروري آهي ته قانون به ساٿ ڏي. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته مرڪزي بينڪ قبائلي علائقن لاءِ به پيڪيج ڏنو آهي، قبائلي علائقن ۾ نه هاڻ پراڻو نظام آهي ۽ نه نئون نظام پوري طرح آيو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي روزگار جي فراهمي به وڏو چيلينج آباد، ڪڍين آبادين لاءِ پروگرام آڻي رهيا آهيون، ڪچين آبادين جي بحالي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ڪچين آبادين جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته اها فلاحي رياست جي شروعات آهي، جلد ماڻهن کي پنهنجو گهر ملندو. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي ۽ معاشي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي ۾ هائوسنگ جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته هائوسنگ اسڪيم لاءِ پنجاب جي 12 شهرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، 12 مان 3 شهرن ۾ هائوسنگ اسڪيم جو افتتاح ٿي چڪو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاليسي تحت گهٽ لاڳت تي گهرن جي اڏاوت لاءِ قرض ڏيندي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي طارق باجوا چيو ته 30 لک رپيا لاڳت تائين گهر گهٽ لاڳت گهرن جي زمري ۾ ايندو، بئنڪ گهٽ لاڳت ۾ گهر جي اڏاوت لاءِ غريب ماڻهو کي ڪُل لاڳت جو 90 سيڪڙو قرض ڏيندي، بيواهن، يتيمن، شهيدن جي وارثن، کدڙن فقيرن ۽ دهشتگردي مان متاثر ماڻهن کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته گهٽ لاڳت ۾ گهرن جي اڏاوت سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا، هلندڙ سال زرعي شعبي لاءِ به 1250 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں