نندي پور ڪيس: اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ بابر اعواڻ سميت 7 جوابدارن تي فردجرم لاڳو

1Shares

اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت نندي پور پاور پروجيڪٽ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ سميت ستن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو  .اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ دير بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت ٻين شريڪ جوابدارن ۾ بابر اعواڻ، اڳوڻو قانون وارو سيڪريٽري رياض ڪياني، مسعود چشتي، اڳوڻي ڪنسلٽنٽ شميلا محمود، اڳوڻو ڪنسلٽنٽ شميلا محمود، اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري رياض محمود ۽ اڳوڻو سيڪريٽري شاهد رفيع شامل آهن.جوابدارن تي نندي پور پروجيڪٽ ۾ دير سبب قومي ناڻي کي 27 ارب رپين جو نقصان پهچڻ جو الزام آهي. احتساب جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.03

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں