احتساب عدالت آغا سراج دراني جي ريمانڊ ۾ وڌيڪ 11 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي

9Shares

 ڪراچي (چيف رپورٽر) احتساب عدالت پ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي جسماني رمانڊ ۾ 11 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي.نيب عملدارن آغا سراج دراني کي عدالت ۾پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران آغا سراج دراني عدالت کي ٻڌايو ته کيس جتي رکيو ويو آهي اتي دري به ناهي، جنهنڪري تازي هوا نٿي اچي، جڏهن ته 8 ماڻهو به گڏ آهن. آغا سراج جي شڪايت تي نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ائيرڪنڊيشن ۽ پکو اڄ ئي لڳي ويندو. آغا سراج دراني جي وڪيل  دليلن ۾ موڪل جي گهر مان ملندڙ شين جا تفصيل ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر لسٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. آغا سراج دراني جي وڪيل پنهنجي موڪل جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏنو ۽ عدالت کان جوابدار کي آزاد ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته وڪيل جو چوڻ هو ته رمانڊ ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون.عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ آغا سراج جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 11 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت جوابدار کي 21 مارچ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪئي.03

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں