مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو 15 مارچ تائين محفوظ

1Shares

 ڪراچي (چيف رپورٽر) بينڪنگ ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي اسلام آباد منتقلي واري نيب جي درخواست تي فيصلو 15 مارچ تائين محفوظ ڪري ورتو آهي.ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه رقم منتقل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي ڪيس ۾ نامزد جوابدار حسين لوائي، عبدالغني مجيد، نمر مجيد، ذوالقرنين مجيد ۽ ٻين کي پيش ڪيو ويو، فريال ٽالپر به عدالت ۾ پيش ٿي، جڏهن ته آصف زرداري پيش نه ٿيو، ان جي وڪيل پاران حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ نيب پاران ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته هي وفاقي عدالت آهي، صوبائي عدالت نه، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ئي 16 ريفرنس ٺاهي رهيا آهيون، ان لاءِ ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. آصف زرداري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته هي ڪيس ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽيسنگ جو نه ۽ نه ئي عوام کان فراڊ جو آهي، نيب غلط دعويٰ ڪئي ته سپريم ڪورٽ ڪيس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اعليٰ عدالت اهڙو ڪوبه حڪم ناهي ڏنو.فاروق ايڇ نائيڪ چيو ه سپريم ڪورٽ نيب کي وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏنو هو، ان لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويو، جيڪو ختم ٿي چڪو آهي ۽ نيب کي جي آءِ ٽي جي جاچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ چيو ويو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سموريون هدايتون جي آءِ ٽي رپورٽ بابت ڏنيون ويون، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ايف آءِ اي جي ڪيس جو ذڪر ناهي. آصف زرداري جي وڪيل ايف آءِ اي پاران داخل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته هن عدالت کي ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جو اختيار ناهي.ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ نيب کي جاچ ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو ۽ سپريم ڪورٽ جي 2004ع جي فيصلي مطابق جوابدارن کي شوڪاز ڏيڻ جي به ضرورت ناهي. آصف زرداري جي وڪيل چيو ته بينڪنگ ڪورٽ تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نيب جي ڪيس منتقلي واري درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، ان کي رد ڪيو وڃي. ڪيس ۾ نامزد جوابدار حسين لوائي جي وڪيل به ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ڪيس ٻئي صوبي منتقل ڪرڻ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ کي آهي، ڪيس جو چالان فراڊ، دوکي جي الزامن تحت جمع ڪرايو ويو.ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ به 15 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.03

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں