ڄامشورو (پ ر) ”جاويد احمد ڀٽو سنڌ جو سفير هو، جنهن سنڌ جي امن ۽ محبت ڀرئي صوفياڻي پيغام کي پوري دنيا تائين پهچايو. جاويد جهڙا ماڻهو ڪڏهن به مرندا ناهن پر پنهنجي فڪر، فلسفي، ڏات ، ڏاهپ ۽ شخصي سڀاءُ جي صورت ۾ هميشه زندهه رهندا آهن. هو بهترين استاد، بهترين فلاسافر ، بهترين دوست ۽ عدم تشدد جو پرچارڪ عظيم انسان هو، جنهن هميشه امن ۽ پيار جا گل ورهايا. سندس قتل جو واقعو دل جهوريندڙ آهي ۽ اسين سڀ هڪ گهر جي ڀاتيءَ جيان سوڳوار آهيون”. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي شعبي طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي استاد، نامور عالم، اسڪالر ۽ فلاسافر جاويد احمد ڀٽو جي ياد ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ريفرنس ۾ پنهنجا تاثرات ونڊيندي ڪيو. آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل تعزيتي ريفرنس ۾ ڳالهائيندي وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته جاويد احمد ڀٽو سان 40 سالن جو تعلق هو ۽ اسان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائڻ دؤران علمي، ادبي ، سياسي سماجي ۽ سرگرمين ۾ گڏ رهياسين. شاگردن جي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪئي سين. مون هن شخص کي هميشه نيڪ نيت، ثابت قدم، سچار ۽ بهادر ڏٺو. کيس ڪتابن سان بيحد پيار هو ۽ هر وقت سندس هٿن ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب هوندو هو. هن چيو ته گذريل سال هن ئي آڊيٽوريم ۾ هن تصوف جي موقعي تي جيڪو شاندار ۽ ڀرپور فڪري ليڪچر ڏنو، ان جو سحر اڃا تائين اسان تي طاري آهي. هو پنهنجي علم ۽ ڏاهپ جي بنياد تي واقعي به جديد دؤر جو سقراط ۽ بقراط هو. اهڙي عظيم ماڻهوءَ جو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿي وڃڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جي قاتل کي سخت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته جاويد ڀٽو جو وڇوڙو رڳو سندس گهر ڀاتين جو ڏک ناهي، پر اسان سڀني جو گڏيل ڏک آهي. اڄ اسين سڀئي هڪ ٻئي سان تعزيت ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اهڙا عظيم ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، جن جو خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو آهي. تعزيتي ريفرنس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ ۽ دعا سان ڪئي ويئي، جنهن جي سعادت فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ حاصل ڪئي. ان موقعي تي تاثراتي ويچار ونڊيندي سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن جي سيڪريٽري ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح چيو ته اسين انهن خوش نصيب ماڻهن ۾ شامل آهيون، جن کي سائين جاويد احمد ڀٽو سان ملڻ ۽ ڪچهرين ۾ کانئس سکڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته جاويد پنهنجي سڀاءَ ۾ هڪ مڪمل صوفي ۽ درويش ماڻهو هو، جنهن جي شخصيت جو سحر هر ماڻهوءَ کي موهيندو هو. هن جا لاتعداد دوست آهن، جيڪي هر طبقي، مذهب ۽ خيال سان تعلق رکن ٿا ۽ هن وٽ هر ڪنهن لاءِ هڪ جيتري عزت هئي. هن جي دل ۾ امير توڙي فقير لاءِ هڪ جيتري ئي حيثيت هئي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو فلاسافي شعبو جاويد احمد ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ سندس ڪارنر قائم ڪيو وڃي. فلاسافي شعبي جي استاد ۽ نامور ليکڪه امر سنڌو چيو ته جاويد احمد ڀٽو پنهنجي شخصيت ۾ هڪ ادارو هو، جنهن پنهنجي فڪر ذريعي لاتعداد ماڻهن جي تربيت ڪئي. فلسفو ڪيئي استاد پڙهائيندا هوندا، پر سائين جاويد احمد ڀٽو شايد ئي ڪو ٿي سگهي. هو روايتي استاد نه هو، پر علم، ڏاهپ ۽ اخلاق جو درياهه هو. سندس خاصيتن کي بيان ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي استاد پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته جاويد احمد ڀٽو جو قتل دردناڪ سانحو آهي، جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته انسان ته هڪ ڏينهن فنا ٿي وڃڻو آهي، پر ان جو ڪردار هميشه زندهه رهندو آهي ۽ جاويد جو عظيم ڪردار به هميشه زندهه رهندو. انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي استاد پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کونڀاٽي ٽيچرس هاسٽل جي دؤر جون يادگيريون بيان ڪندي چيو ته اسان جاويد احمد ڀٽو کي هميشه علم، ادب ۽ ڏاهپ ورڇيندي ڏٺو. هو هاسٽل جو هيرو هو، جنهن سان ڪچهريءَ لاءِ هر ماڻهو آتو هوندو هو ۽ هو سڀني کي اهميت ۽ وقت ڏيندو هو، پوءِ اهي استاد هجن، شاگرد هجن يا اديب هجن. رات جو دير تائين هن جي ڪمري ۾ ڪچهرين جو سلسلو جاري رهندو هو. هو عالمي سطح جو فلاسافر هو، جنهن کان اسان تمام گهڻو سکيو. تعزيتي ريفرنس جي ميزباني سرانجام ڏيندڙ فلاسافي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر اياز حيدر مغيري پنهنجي تاثراتي ويچارن ۾ جاويد احمد ڀٽو جي شخصيت، ڪردار ۽ خدمتن تي روشني وڌي ۽ چيو ته جاويد احمد ڀٽو جو فلاسافي شعبي ۾ خدمتون تاريخ جو روشن باب آهن. هو وسيع مطالعو ۽ هاڪاري سوچ رکندڙ انسان هو، جنهن پنهنجي علم ذريعي شعور جي روشني پکيڙي. اهڙا ماڻهو هميشه دلين ۾ زندهه رهندا آهن. هن چيو ته فلاسافي شعبي پاران ”جاويد احمد ڀٽو ميموريل ليڪچر سيريز“ تحت هر سال پهرين مارچ تي علمي ۽ فڪري ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويندو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي ۽ انگريزي شعبن جي استادن نويد سنديلو ۽ شفقت قادري پڻ تاثراتي ويچارن ذريعي جاويد احمد ڀٽو کي خراج پيش ڪيو. جڏهن ته فلاسافي شعبي جي شاگردياڻي سحرش رند شيخ اياز جي شاعري“ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گُل…” ذريعي منظوم ڀيٽا پيش ڪئي. تعزيتي ريفرنس جي موقعي تي جاويد احمد ڀٽو جي تصوير سامهون ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پڻ پيش ڪئي ويئي. هن تعزيتي ريفرنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن سميت مختلف علمي ادبي شخصيت وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟