سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر هٿين پئجي ويا، اپوزيشن ليڊر خلاف معمولي رٿ آڻڻ تان عبدالرشيد تي حملو، ڌڪا، هنگامو

2Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڏند چڪ ۽ گار گند کان پوءِ ميمبر هٿين پئجي ويا، ايوان شديد بدنظمي جو شڪار رهيو، ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ايم ايم اي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي پ پ جو هنج ورتل ٻار قرار ڏيندي ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد تي حملو ڪيو ۽ کيس ڌڪا ڏنا ويا، پيپلز پارٽي جي ميمبرن عبدالرشيد کي اپوزيـشن جي حملي ڪاوڙ ۽ غضب کان بچائي ورتو، ايوان ۾ شور شرابي دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن گو زرداري گو ۽ حڪومتي ڌر پاران گو نيازي گو جا نعرا بلند ڪري چونڊيل ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي ميمبرن اسپيڪر آغا سراج دراني تي سون ۽ روڪ رقم لڪائڻ جو الزام لڳايو ته سعيد غني جوابي وار ڪندي چيو ته ماڻهو ته پنهنجون ڌيئرون به لڪائي ڇڏيندا آهن جيڪو شخص پنهنجي ڌيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان کي وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو به حق ناهي. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ پوڻا ٻه ڪلاڪ دير سان منجهند ڌاري هڪ ڏينهن جي وقفي بعد ٻيهر شروع ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾ ملڪي سلامتي، والاريل ڪشمير ۽ ايل او سي تي جاري ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ٽنڊو ڄام ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 گهر ڀاتين جي پراسرار فوتگين تي فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪالهه خميس ڏينهن اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته ايوان جي ماحول ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال نظر آئي. فاتحه خواني جي فوري بعد اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي پوائنٽ آف آرڊر تي اسٽيڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ واري معاملي تي جاري التوا بابت ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته توانائي واري وزير امتياز شيخ اسپيڪر کي چيو ته ان کي سوالن جي وقفي بعد ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي پر فردوس شميم نقوي چيو ته اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته ايوان جي ڪارروائي هلڻ نه ڏينداسون، ان سان گڏ ئي اپوزيشن ميمبر پنهنجي نشستن تي اٿي بيهي رهيا ۽ هنن گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. فردوس شميم جو چوڻ هو ته ايوان کي جمهوري انداز ۾ نه پيو هلايو وڃي ۽ اسان جي آواز کي دٻايو پيو وڃي. هن تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ متحده مجلس عمل جي ميمبرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي پيپلز پارٽي جا هنج ورتل آهن انهن کي اسان جي صفن مان ڪڍيو وڃي، فردوس شميم نقوي جي رمارڪس تي ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد سخت احتجاج ڪيو، ان دوران اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني پنهنجي نسشت سنڀالي ورتي هئي. آغا سراج دراني چيو ته آئون اجلاس کي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائيندس توهان کي به ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ مون کي خبر آهي ته توهان کي اسپيڪر جي ڪيتري عزت آهي. اسپيڪر کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪيو پيو وڃي. فردوس شميم نقوي چيو ته توهان جي خاندان جا 3 اسپيڪر رهيا آهن ڪنهن جي لاڪر مان ايترا زيور ناهن نڪتا توهان کي ڊڪليئر ڪرڻ کپندو هو. اسپيڪر چيو ته توهان مون تي ذاتي حملا نه ڪريو اهي منهنجي خاندان جا سئو سال پراڻا زيور آهن. اپوزيشن اڳواڻ جي رمارڪس تي حڪومتي ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، اسپيڪر چيو ته مان ڪنهن جي به ڊڪـٽيشن نه وٺندس صرف الله پاڪ جي ڊڪٽيشن کي مڃيندو آهيان، هن اپوزيشن اڳواڻ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جهڙي طرح سان مون تي ذاتي حملا ڪري رهيا آهيو الله تعاليٰ توهان کان پڇاڻو ڪندو. ان موقعي تي بلديات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اپوزيشن کي سندن خواهش تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نٿي ڏئي سگهجي جيڪڏهن اپوزيشن ڳالهائڻ چاهي ٿي ته ڳالهائي ٻي صورت ۾ ضابطن موجب ڪميٽين لاءِ چونڊون ڪرايون وينديون. اسپيڪر شور شرابي دوران سوالن جي وقفي جو اعلان ڪيو ته اپوزيشن ميمبر اسپيڪر جي نشست آڏو پهچي ويا ۽ اتي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، هنن پاڻي ڏيو، گو ڪرپشن گو ۽ نو ڪرپشن نو جا نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا. اپوزيشن جي هنگامي دوران ڪنهن به ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهه نه ٿي سگهي. ڪارروائي دوران اپوزيشن جي صفن ۾ ان وقت واضح تقسيم ۽ هڪ وڏو ڏار نظر آيو جڏهن ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي خلاف استحقاق واري هڪ رٿ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته فردوس شميم نقوي ايم ايم اي ۽ ٽي ايل پي جي ميمبرن کي پ پ جا هنج ورتل ٻار چيو ان جو اهڙو بيان توهين جوڳو آهي جنهن سان اسان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي. پ پ پاران اپوزيشن اڳواڻ خلاف پيش ڪيل اهڙي استحقاق واري رٿ جي حمايت ڪئي وئي. ان موقعي تي اپوزيشن پاران ايوان ۾ زبردست احتجاج شروع ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ جا ڪجهه ميمبر ايم ايم اي جي عبدالرشيد سان وڙهڻ لاءِ کيس چنبڙيا ۽ هن کي تشدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان موقعي تي پ پ ميمبرن عبدالرشيد کي پنهنجي حفاظتي دائري ۾ آڻي تشدد کان بچايو پر هن کي بچائڻ جي ڪوششن دوران سرڪاري ۽ اپوزيشن ميمبر پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا، ان موقعي تي اپوزيشن پاران گو زرداري گو ۽ پ پ پاران گو نيازي گو جا نعرا لڳندا رهيا جڏهن ته اسپيڪر عبدالرشيد جي استحقاق واري رٿ خصوصي ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪا ڪميٽي 7 ميمبرن تي ٻڌل هوندي جنهن جو ڪنوينر غلام قادر چانڊيو هوندو. بلديات واري وزير سعيد غني ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن مقدس ايوان جي هڪ معزز رڪن عبدالرشيد جي مائيڪ کسڻ جي ڪوشش جي اسين مذمت ڪريون ٿا، اپوزيشن ميمبر غنڊه گردي جو مظاهرو ڪري بد تهذيبي تي ٻڌل نعرا لڳائي رهيا آهن. هن چيو ته اسپيڪر ڪا به ايمنسٽي (ڇوٽ) ناهي ورتي، عمران خان ايمنسٽي (ڇوٽ) ورتي آهي. اسپيڪر تي سون لڪائڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي هتي ته ماڻهو پنهنجون ڌيئرون به لڪائي رهيا آهن عمران خان پنهنجي ڌيءَ لڪائي آهي جنهن تي پ پ ميمبرن گو نيازي گو جا نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا، ان دوران سعيد غني اسپيڪر آغا سراج دراني کي چيو ته جن به ميمبرن ايوان ۾ تشدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن تي ايوان ۾ داخلا تي پابندي مڙهي وڃي، سعيد غني جو چوڻ هو ته جيڪو پنهنجي ڌيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي اهو وزيراعظم بڻجڻ لائق ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ان دوران اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي ڏينهن منجهند جو ٽين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

2Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں