اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا پهرين قومي ٽيرف پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا کي پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال تي پاڪستان جي امن واري قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا پهرين قومي ٽيرف پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ ڪابينا 26 فيبروري تي ٿيندڙ اي سي سي اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني آهي. ذريعن مطابق پي او ايف بورڊ، هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جي بورڊ ۾ الڳ الڳ ميمبر پروڊڪشن ڪوآرڊينيشن جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي، ان کانسواءِ پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائزز ۾ چيف ايگزيڪيوٽو جي چونڊ جي طريقيڪار جي به منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ پارلياماني رڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ملڪي مفاد ۾ آهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن به ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. هن چيو ته پاڪستان اڳ به امن چاهيندو هو، هاڻي به امن جو خواهشمند آهي، ڀارتي اڳرائي جو جواب ڏيڻ مجبوري هئي. هن چيو ته خطي جو مستقبل امن سان واڳيل آهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن به ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته عالمي برادري پاڪستان جي موقف کي سمجهي رهي آهي، هن چيو ته اسان جا ڪنهن به ملڪ خلاف جارحاڻي عزم ناهن، اسان رڳي پنهنجو دفاع ڪيو، جڏهن ته اسان جي فوج هر صورتحال کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پارلياماني اڳواڻن جي ڪميٽي جي سربراهي وزيراعظم يا پرڏيهي وزير ڪندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ اتفاق راءِ قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته معيشت جي استحڪام لاءِ پڻ ملڪ ۾ اتفاق راءِ آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ فاٽا جو خيبرپختونخواهه ۾ انضمام تمام وڏو قدم هو. سندس چوڻ هو ته عالمي ميڊيا ۾ پڻ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو ويو، سڄي دنيا اهائي ڳالهه ڪري رهي آهي، جيڪا پاڪستان چئي رهيو آهي، سڄي دنيا نريندر مودي جي موقف کي تسليم نه ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي موقف کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي. وفاقي وزير چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن بابت حڪمت عملي اپوزيشن پارٽين سان گڏجي طئه ڪئي ۽ وفاقي ڪابينا قومي سلامتي جي معاملي تي سمورين مخالف ڌر پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ جو عزم ڪيو آهي. فواد چوڌري چيو ته طئه ٿيو ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، نيب هڪ آزاد ادارو آهي ۽ نيب جا آفيسر اسان مقرر ناهن ڪيا، نيب جي ڪاررواين ۾ حڪومت جو ڪو به عمل دخل ناهي. هن چيو ته وزيراعظم پنجاب حڪومت کي چيو آهي ته نواز شريف کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ سندس علاج جي معاملي تي انتقامي ڪارروائي جو تاثر نه اچڻ گهرجي، پاڪستان ۾ علاج جون بهترين سهولتون موجود آهن، نواز شريف جتي چاهي پنهنجو علاج ڪرائي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟