رافيل ڊيل تڪرار: ڪانگريس مودي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

3Shares

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي مخالف ڌر جي پارٽي ڪانگريس جي صدر راهول گانڌي مطالبو ڪيو آهي ته رافيل جهازن جي تڪراري ٺاهه ۽ دستاويزن جي چوري جي جاچ وزيراعظم نريندر کان ڪئي وڃي. نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راهول گانڌي چيو ته حڪومت چوي ٿي ته رافيل جهازن بابت دستاويز چوري ٿي ويا جيڪو ثبوت آهي ته دستاويزن ۾ جيڪو لکيو ويو اهو درست آهي. هن چيو ته  دستاويزن ۾ صاف لکيل آهي ته رافيل جهازن جي ڊيل لاءِ نريندر مودي ۽ وزيراعظم آفيس سڌو ڳالهيون ڪيون، نريندر مودي پنهنجي دوست انيل امباني کي فائدو پهچائڻ لاءِ رافيل ڊي جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو. ڪانگريس جي صدر چيو ته هاڻي ته ڳالهين واري ٽيم به چئي رهي آهي ته نريندر مودي باءِ پاس سرجري پئي ڪئي، رپورٽ موجب مودي صاف چيو ته ڪنٽريڪٽ انيل امباني کي ڏنو وڃي. راهول گانڌي چيو ته وزيراعظم نريندر مودي جو نالو سڌي نموني سامهون اچي رهيو آهي، ان بابت به جاچ ڪئي وڃي ته پئسو ڪاڏي ويو آهي، سڀ سچائي سامهون اچي ويندي. هن چيو ته نريندر مودي پاڻ جاچ ڇو نه ڪرائي رهيو آهي، مودي چوي ته هو ملڪ جو چوڪيدار آهي ۽ معاملي جي جاچ ڪرائيندو. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جو ڪيس آهي ته ڪرمنل جاچ ڇو نه ڪئي وڃي، جاچ سڀني خلاف ٿي سگهي ٿي ته مودي خلاف ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. واضح رهي ته نريندر مودي سيپٽمبر 2016ع ۾ فرانسيسي حڪومت سان 36 رافيل جهازن جي ٺاهه تي صحيحون ڪيون هيون.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں