پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ شاهه محمود سان ملاقاتون

4Shares

اسلام آباد(بيورو) پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ شاهه محمود سان ملاقاتون. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان سان سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير ملاقات ڪري سعودي فرمان روا ۽ ولي عهد جا پيغام پهچايا. پرڏيهي معاملن واري سعودي وزير عادل الجبير وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران شاهه محمود قريشي، عبدالرزاق دائود، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا. ذريعن ٻڌايو ته سعودي وزير عادل الجبير وزيراعظم عمران خان کي سعودي فرمان روا سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جا خاص پيغام پهچايا. ذريعن مطابق ملاقات ۾ پاڪ_سعودي لاڳاپن ۽ پاڪ_ڀارت جي هاڻوڪي ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ٿيون. ان کان اڳ سعودي وزير عادل الجبير پاڪستاني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سعودي ولي عهد پاران ٽياڪڙي واري آڇ جي آجيان ڪريون ٿا. ٻئي طرف سعودي پرڏيهي وزير آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں