اسلام آباد(بيورو) سول ايوي ايشن عملدارن اسلام آباد جي هوائي اڏي جي اڏاوت ۾ مالي بيقاعدگين ۾ پنجن آفيسرن کي ڪرپشن جو ذميوار قرارڏئي ڇڏيو، مشاهدالله خان چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته جعلي ڊگري تي برطرف ٿيلملازمن جو معاملو حل نه ٿئي. اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ايوي ايشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مشاهد الله خان جي صدارت ۾ ٿيو. سينيٽر بهرام خان چيو ته اسلام آباد هوائي اڏي جي اڏاوت ۾ بيقاعدگين تي 21 آفيسرن خلاف جاچ ڪئي وئي، انڪوائري ۾ پنجن آفيسرن کي ڪرپشن ۽ مالي بيقاعدگين جو ذميوار قرار ڏنو ويو، اهڙن آفيسرن جي بدانتظامي سبب ايئرپورٽ جي لاڳت ۾ اضافو ٿيو. ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل شاهد نياز اسلام آباد ايئرپورٽ ۾ مالي ڪرپشن جي رپورٽ ٺاهي جنهن جي روشني ۾ ايف آءِ اي جي جاچ سونپي وئي. ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث پنجن آفيسرن مان رڳو ٻن جواب ڏنو، رٽائرڊ ٿيڻ سبب جاچ بند ڪئي وئي، ذميوار آفيسر بيقاعدگين ۽ غفلت جا ذميوار آهن. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪرپشن الزامن تي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي کانسواءِ معاملو نبيرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد الله خان چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي، ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن جواب ڏنو ته ذميوار آفيسر هاڻي ڪنهن عهدي تي رهي نه ٿا سگهن. مشاهد الله خان چيو ته اسان هتي ڇا لاءِ ويٺا آهيون، ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جنهن تي سي اي اي عملدارن چيو ته ذميوار آفيسر هاڻ ڪنهن به عهدي تي رهي نه ٿا سگهن. ڪميٽي چيئرمين چيو ته اٽارني جنرل کي خط لکي معاملي کي ايوان ۾ اٿاريو ويندو. مشاهد الله خان چيو ته جيڪڏهن فيصلو اٽارني جنرل کي ڪرڻو آهي ته پوءِ ڪمٽيون ختم ڪري ڇڏيون ٿا، اٽارني جنرل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي حڪم نه ٿو ڏئي سگهي. مشاهدالله خان چيو ته اٽارني جنرل چئي ٿو ته پي آءِ اي جعلي ڊگري ڪيس تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، اٽارني جنرل موجب ڪميٽي جا کنيل قدم عدالتي فيصلن جي توهين آهن. ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته جعلي ڊگري تي برطرف ٿيل ملازمن جو معاملو حل نه ٿئي، جنهن تي ايئر مارشل ارشد ملڪ چيو ته 24 ڊسمبتر 2018 تي آرڊر ۾ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ۽ ان تحت ئي ڪارروائي ڪئي وئي. مشاهدالله خان چيو ته سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري تي ججمنٽ ڏني آهي ڪو فيصلو ناهي ٻڌايو، جنهن تي سي اي او پي آءِ اي چيو ته سپريم ڪورٽ منع نامو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مشاهد الله خان چيو ته ڏهن ڏينهن ۾ ڪيئن منع نامو ختم ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ ڪنهن به ماتحت عدالت جو اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو نه لکيو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي سول ايوي ايشن کان سمورو رڪارڊ طلب ڪندي مالي بيقاعدگين ۽ غفلت ڪندڙ فوجي آفيسرن خلاف ايف آءِ اي جي انڪوائري رپورٽ سميت سموريون جاچ رپورٽون ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟