قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل منظور، اپوزيشن جو احتجاج، هنگامو، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

2Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ باوجود ضمني مالياتي بل 2019 جي منظوري ڏني وئي. بل جي منظوري دوران اپوزيشن احتجاج ڪيو ۽ راءِ شماري دوران اپوزيشن ميمبرن واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر طرفان فنانس بل پيش ڪرڻ تي اپوزيشن گوڙ ڪيو. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ اسعد محمود اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان مذمتي قرارداد پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا توهان پيش ڪرڻ نه پيا ڏيو. هن اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ ئي قرارداد پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، جنهن تي اسد قيصر چيو ته ائين توهان قرارداد پيش نٿا ڪري سگهو، ان لاءِ اڳ ۾ نوٽيس ڏيڻو پوندو آهي. هن اسعد محمود کي قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي مائيڪ اسد عمر کي ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير کي فنانس بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اپوزيشن ميمبرن سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به احتجاج ۾ شريڪ ٿيو، جڏهن ته اپوزيشن جي گوڙ ۾ مالياتي ترميمي بل جي منظوري جو عمل شروع ٿي ويو. اپوزيشن ميمبر اسپيڪر ڊائس سامهون گڏ ٿي ويا ۽ فنانس بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس آڏو نماز به ادا ڪئي ۽ واڪ آئوٽ ڪيو. ن ليگ ميمبر احسن اقبال چيو ته حڪومتي پاليسي تي خدشا آهن، اسان 5 سالن ۾ معيشت جو اسٽرڪچر بهتر ڪيو هو پر موجوده حڪومت 5 سالن اندر معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، حڪومتي پاليسي خطرو بڻجي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف وٽ پراڻو قرض لاهڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، جڏهن معيشت تباهه هوندي آهي، تڏهن آءِ ايم ايف وٽ ويندا آهيون، اپوزيشن رڳو گوڙ ڪندي آهي پر تجويزون ناهي ڏيندي، بلاول ته ڪمال ڪري ڏيکاريو، پنهنجي حڪومت جو به فڪر هجڻ گهرجي. اسد عمر چيو ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته شهباز شريف کي به مهانگائي جو فڪر آهي، ايوان ۾ هنگامو افسوسناڪ آهي، اپوزيشن کي گڏجي ميثاق معيشت ڪرڻو پوندو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں