ڇڪتاڻ گهٽجي وئي پر جنگ جو خطرو موجود آهي، ڀارت الزامن بدران پنهنجو گهر صاف ڪري: ترجمان پاڪ فوج

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته ڪشمير مسئلو فليش پوائنٽ بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ڀارت ڪشميرين جي آواز کي دٻائيندو ته ردعمل ايندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور آمريڪي خابرو اداري سي اين اين  کي ڏنل انٽرويو دوران چيو ته ڪشمير مسئلو فليش پوائنٽ بڻجي چڪو آهي، خطي ۾ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي، ڀارت الزام مڙهڻ بدران ڪشمير مسئلي جي حل طرف اچي، ڀارت ڪشميرين جي آواز کي دٻائيندو ته ردعمل ايندو. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته عورتن سان زيادتي، شهرين کي پيلٽ گنز سان انڌي ڪرڻ جو ردعمل ايندو، اهو مان نه پر گڏيل قومن جي انساني حقن جي رپورٽ چئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري خير سگالي جو پيغام ڏنو، ڇڪتاڻ خطي ۾ امن لاءِ نقصانڪار آهي ۽ هاڻي بال ڀارت جي ڪورٽ ۾ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ڀارت جي جارحيت جو جواب ڏنو، ڀارت جي جارحيت سبب ٻئي ملڪ جنگ جي ويجهو پهچي چڪا هئا. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارتي پائليٽ جي آزادي پاڪستان پاران امن جو پيغام هو، ڏسئون ٿا ته هاڻ ڀارت اسان جي امن واري پيغا جو ڪهڙو جواب ڏي ٿو، هاڻ اهو ڀارت تي آهي ته اهو امن جي قدم کي سمجهي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف وڌي يا وري پنهنجي ايجنڊا تي قائم رهي، اسين سمجهون ٿا ته هاڻ بال ڀارت جي ڪورٽ ۾ آهي، جيڪڏهن اهو فيصلو ڪري ٿو ته ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿئي ته صورتحال واپس انهيءَ جڳهه تي اچي ويندي. هن چيو ته اسان جنگ جي تمام گهڻو ويجهو پهچي چڪا هئاسين، ڇاڪاڻ ته ڀارت اسان جي هوائي حدن جي خلاف ورزي ۽ جارحيت ڪئي، جنهن جو اسان جواب ڏنو. سندس چوڻ هو ته هن وقت لائن آف ڪنٽرول تي فوجي آمهون سامهون آهن، فوجون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مقرر آهن پر ڀارتي جارحيت ۽ اسان جي جواب کانپوءِ ٻنهي طرفن کان حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، جيڪي جنگي منصوبابندي جو حصو هوندا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر بالاڪوٽ ۾ ڀارتي آپريشن واري دعويٰ رد ڪندي چيو ته انفرا اسٽرڪچر کي ڇڏيو اتي ته هڪ لاش به نه مليو، ڀارت جي دعويٰ ڪوڙي آهي، يقين آهي ته بعد ۾ ڀارت به اهو اعلان ڪندو ته اتي ڪير به نه ماريو ويو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پلواما حملي جي ذميواري پاڪستان مان قبول نه ڪئي وئي آهي ۽ جيش محمد جو پاڪستان ۾ ڪو به وجود ناهي، ان تنظيم تي گڏيل قومن پابندي مڙهي ۽ پاڪستان به پابندي مڙهي آهي، اهڙي گروپ جو پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ ناهي، هن چيو ته ڪشمير مسئلو حل نه ٿيڻ خطي جي امن ۾ وڏي رڪاوٽ آهي جيڪڏهن ڀارت جا ظلم جاري رهيا ته ڪشميرين جو ردعمل لازمي آهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي، والاريل ڪشمير ۾ عورتن سان زيادتي ۽ ماڻهن کي انڌو ڪرڻ لاءِ پيلٽ گنز جو استعمال ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي گڏيل قومن جي ڪميشن جي رپورٽ به موجود آهي، جيڪا ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن آبادي کي ان حد تائين جبر ۾ رکو ته اتي قتل عام ڪيو وڃي، جنسي زيادتيون ڪيون وڃن، پيلٽ گنز هلايون وڃن ته ردعمل اچڻ فطري آهي، اهو سڀ اتي قابض فوج ڪري رهي آهي، اهو اسين نه پيا چئون پر گڏيل قومن جي رپورٽ چئي رهي آهي. ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن تي پابندي جو فيصلو جنوري ۾ ٿي چڪو هو، ڀارتي ايئرفورس 26 فيبروري تي جارحيت ڪندي ايل او سي پار ڪئي، ڀارتي ميزائل جبا واري علائقي ۾ ڪريا، جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته 26 کان 28 فيبروري تائين ڪافي ڇڪتاڻ رهي، ڇاڪاڻ ته 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي، 27 فيبروري تي اسان جواب ڏنو ۽ ڀارت جا 2 جهاز ڪيرائي وڌا، هڪ پائليٽ مارجي ويو ۽ ٻئي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي پاڪستان آزاد ڪري ڇڏيو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪ فوج ڀارت جي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، ڀارت کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو ته اهو ڪيڏانهن وڃڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان نٿو چاهي ته خطي جو امن متاثر ٿئي، ان سڄي معاملي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ م هاٽ لائن تي رابطو نه ٿي سگهيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں