اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت 5 سالن ۾ پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل سميت 48 ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. قومي اسمبلي جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سيد مصطفيٰ محمود جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري رضوان ملڪ ڪميٽي کي نجڪاري پروگرام تي بريفنگ ڏني. نجڪاري ڪميشن سيڪريٽري ڪميٽي اڳيان پي ٽي آءِ حڪومت جو نجڪاري پروگرام پيش ڪيو جنهن تحت حڪومت پنجن سالن ۾ 48 ادارن جي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نجڪاري ڪميشن سيڪريٽري ٻڌايو ته هڪ کان ڏيڍ سالن دوران ست ادارا وڪرو ڪيا ويندا ، ايل اين جي جا پاور پلانٽ پهرين مرحلي ۾ وڪرو ڪيا ويندا، حويلي بهادر شاهه ۽ بلوڪي پاور پلانٽن جي به نجڪاري ڪئي ويندي. رضوان ملڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وومين بئنڪ، ايس ايم اي بئنڪ، جناح ڪنونشن سينٽر، لاهور انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ماڙي ۽ لاکڙا جي پهرين مرحلي ۾ نجڪاري ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئين مرحلي ۾ 3 کان پنجن سالن ۾ 41 ادارا وڪرو ڪيا ويندا. نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان اسٽيل مل خريدڻ لاءِ 5 کان 6 ڪمپنين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، انهن ڪمپنين جو تعلق چين ۽ روس سان آهي، نوان سيڙپڪار پاڪستان اسٽيل مل جي پيدواري صلاحيت 11 مان وڌائي 35 لک ٽن ساليانو تائين آڻڻ چاهين ٿا، پاڪستان اسٽيل کي پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ تي وڪرو ڪيو ويندو، پاڪستان اسٽيل مل جي بند ٿيڻ سان حڪومت کي ماهوار 40 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري موجب ن ليگ جي حڪومت گذريل پنجن سالن ۾ 5 ادارن جي نجڪاري ڪئي، 2013ع کان 2018ع ۾ 5 ادارا 173 ارب رپين ۾ وڪرو ڪيا ويا، پيپلز پارٽي جي 2008ع کان 2013 تائين جي دور ۾ هڪ اداري جي نجڪاري ڪئي وئي، مسلم ليگ ق جي 2002ع کان 2007ع جي دور ۾ 38 ادارن جي نجڪاري ڪئي وئي، ان عرصي دوران 38 ادارن جي نجڪاري 377 ارب رپين ۾ ڪئي وئي. رضوان ملڪ ٻڌايو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل جا نقصان 600 ارب رپين تائين پهچي چڪا آهن، پي آءِ اي جا نقصان 400 ارب رپين تائين آهن جڏهن ته پاڪستان اسٽيل جا نقصان 200 ارب رپين کان ٽپي چڪا آهن. موجودا حالتن ۾ پي آءِ اي کي ڪو به خريد نه ڪندو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟