ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جو ميلو ڇنڇر کان شروع، واٽسن سميت پرڏيهي رانديگر اڄ پاڪستان پهچندا

1Shares

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ ڇنڇر کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميلو مچڻ کان اڳ دنيا جو مشهور آسٽريلوي رانديگر شين واٽسن ڪراچي اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جو ميلو ڇنڇر کان شروع ٿيندو. ڪراچيءَ ۾ ليگ جون رهيل 9 ميچون کيڏيون وينديون. پاڪستان سپر ليگ جي پاڪستان شيڊول ميچن لاءِ  مشهور آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين واٽسن ڪراچي اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شين واٽسن گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪندو رهيو هو، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سان ڳالهين کانپوءِ شين واٽسن جي پاڪستان اچڻ جو اعلان سندس ٽيم جي مئنيجر اعظم خان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شين واٽسن پاڪستان اچڻ لاءِ وڏو معاوضو طلب ڪيو ۽ بلوچستان حڪومت به کيس پاڪستان اچڻ لاءِ معاوضو ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي. رپورٽن مطابق شين واٽسن 3 لک آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو پر بعد ۾ هو پنهنجي مطالبي تان هٿ کڻندي بنا معاوضي پاڪستان اچڻ تي راضي ٿي ويو. ڪوئيٽا جي ٽيم ڪالهه ڪراچي پهچي چڪي شين واٽسن ۽ ٻيا پرڏيهي ڪرڪيٽر اڄ ڪراچي پهچندا. ڪوئيٽا جي اوپنر شين واٽسن کانسواءِ رائلي رُوسو، ڊوائن براوو ۽ فواد احمد پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهن.06

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں