نڪاح نامو ڪيس، اداڪارا ميرا هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت پهچي وئي

3Shares

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ميرا “نڪاح نامو ڪيس” ۾ فيملي ڪورٽ جي فيصلي خلاف سيشن ڪورٽ سان رجوع ڪري ڇڏيو، عدالت عتيق الرحمان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا ميرا فيملي ڪورٽ جي فيصلي خلاف ايڊيشنل سيشن جج عدنان طارق جي عدالت ۾ اپيل داخل ڪندي درخواست ڪئي آهي ته فيملي ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. لاهور جي فيملي عدالت جي جج بابر نديم گذريل سال اداڪارا ميرا جي نڪاح مٿان نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ميرا جي نڪاح مٿان نڪاح جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏنو هو، جج بابر نديم چيو هو ته ميرا جي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. فيملي ڪورٽ جي جج بابر نديم پنهنجي فيصلي ۾ چيو هوته ميرا ۽ عتيق الرحمان وچ ۾ ڊيفينس ۾ موجود گھر تڪرار جو سبب بڻيو هو، جنهن تي ٻنهي هڪ ٻي خلاف فوجداري ڪيس قائم ڪيا هئا، جيڪي گذريل ڏهن سالن کان عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. هاڻوڪي درخواست ۾ اداڪارا ميرا موقف اختيار ڪيو آهي ته هو عتيق الرحمان سان نڪاح ناهي ٿيو نڪاح نامو ڪوڙو آهي. سيشن عدالت، فيملي ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏي. واضح رهي ته گذريل سال مارچ ۾ اداڪارا ميرا ۽ عتيق الرحمان جو نڪاح پڙهائڻ واري مولوي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اداڪارا ميرا جو نڪاح حقيقت تي ٻڌل آهي. ميرا ۽ عتيق الرحمان جو نڪاح شاهدن جي موجودگي ۾ پڙهايو ويو هو.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں