ڪرپٽ ماڻهو ملڪ ڦري کائي ويا، نيب جو پنهنجو گهر سڌو ناهي: سپريم ڪورٽ

5Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهو ملڪ ڦُري کائي ويا پر ڪير انهن ۾ هٿ وجهڻ وارو ناهي، قومي احتساب بيورو بااثر ماڻهن کي هٿ وجهڻ کان ڊڄي پيو، نيب جو ته پنهنجو گهر ئي سڌو ناهي، اهڙو ڪو ادارو ناهي جيڪو نيب جي آڊٽ ڪري. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد پڇا ڪئي ته اين آءِ سي ايل جي جوابدار محسن حبيب کي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو آهي، ايترو وڏو ڪيس آهي، محسن حبيب آرام سان گهر ويٺو آهي. نيب جي وڪيل چيو ته محسن حبيب کي نيب طلب ڪيو هو، جسٽس گلزار احمد چيو ته پوءِ هن کي چانهه به پياري وئي هوندي ۽ ڪيڪ به کارايو ويو هوندو. نيب پراسيڪيورٽر چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم هو ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم ٻن ڏينهن لاءِ هو. جسٽس گلزار احمد چيو ته نيب کي آخر ڪهڙي تڪليف ۽ پريشاني هئي، آخر نيب ڇا پئي ڪري، ايندڙ ٻڌڻي تي محسن حبيب ۽ نيب پراسيڪوٽر ٻنهي کي پيش ڪيو وڃي. محسن حبيب جي وڪيل چيو ته سندن اصيل هن وقت لاهور ۾ آهي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته نيب جو ته پنهنجو گهر ئي سڌو نه آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته نيب با اثر ماڻهن ۾ هٿ وجهڻ کان ڊڄي پيو، ڪرپٽ ماڻهو ملڪ کي لٽي کائي ويا پر انهن ۾ هٿ وجهڻ وارو ڪير به نه آهي، نيب کان ته الله پڇندو. جسٽس گلزار احمد پڇا ڪئي ته ڇا ڪو اهڙو ادارو نه آهي، جيڪو نيب جي آڊٽ ڪري؟ سپريم ڪورٽ اين آءِ سي ايل ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.03

5Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں