آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه خلاف وڌيڪ 9 ڪيس کلي ويا

7Shares

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف وڌيڪ 9 ڪيس کلي ويا آهن. ذريعن مطابق نيب راولپنڊي آفيس 72 جوابدارن خلاف وڌيڪ ثبوت ملڻ تي ڪيس کوليا آهن. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ 16 ڪيسن جي جاچ لاءِ تجويز ڏني وئي هئي پر نيب هن وقت جعلي اڪائونٽس بابت 25 ڪيسن جي جاچ ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي راولپنڊي هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف اثاثن بابت ريفرنس ۾ بريت خلاف نيب جي اپيل تي شروعاتي ٻڌڻي ٿي، هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق عباسي ۽ جسٽس شاهد محمود عباسي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. نيب اثاثن بابت ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بريت بابت رڪارڊ پيش ڪري نه سگهي، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب مظفر عباسي پاران رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪئي وئي. عدالت رمارڪس ڏنا ته نيب جڏهن رڪارڊ پيش ڪندي ته درخواست تي ٻڌڻي ٿي سگهندي، عدالت ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں