اسلام آباد(بيورو) حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن جي 44 ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو. گهرو وزارت موجب گرفتار ڪيل ماڻهن ۾ مفتي عبدالرئوف ۽ حماد اظهار به شامل آهن. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته اهي سمورا قدم نيشنل ايڪشن پلان جي تحت کنيا ويا ۽ گرفتار ڪيل مفتي عبدالرئوف پابندي مڙهيل جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر جو ڀاءُ آهي. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي ۽ گهرو سيڪريٽري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. گهرو سيڪريٽري پابندي مڙهيل 44 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي ۽ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو. گهرو سيڪريٽري چيو ته مفتي عبدالرئوف ۽ حماد اظهر جا نالا ڀارت جي ڊوزيئر ۾ شامل آهن ۽ جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. هن جو چوڻ هو ته سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندي، جيڪڏهن ڪنهن تنظيم جي اثاثن کي تحويل ۾ وٺڻو پيو ته وٺنداسين، سمورين اطلاعن تي ڪارروائي ڪئي ويندي، ان آپريشن جي روزاني جي بنياد تي اطلاع ڏينداسين.گهرو سيڪريٽري اعظم سلمان ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو ته گرفتار ڪيل ماڻهن بابت پرڏيهي وزارت جي ذريعي ڀارت کان ثبوت گهرنداسين ثبوت ملي ويا ته ڪارروائي تيز ٿيندي ٻي صورت ۾ حراست ۾ ورتل ماڻهن جي نظربندي ختم ڪئي ويندي هنن چيو ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏئي ويندي، ڪالعدمڪ تنظيم خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنهن دٻاءُ تحت نه ڪيو ويو آهي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪابه قوت مداخلت نٿي ڪري سگهي اڳواڻ قدمن تحت اسان ذميواري ادا ڪري رهيا آهيون وزيراعظم جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري تي غور ڪيو ويو حتمي فيصلو عمران خان ڪندو. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پابندي مڙهيل تنظيم خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، فواد چوڌري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڀارت جو مذاق اڏايو پيو وڃي، نريندر مودي کان سوال پڇيا پيا وڃن ته اليڪشن مهم لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو پيو وڃي، ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ دوست ملڪن ساٿ ڏنو، سمورين اقليتن برادرين جو احترام ضرور آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ انتهاپسندي تي وڏي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو جنوري ۾ ڪيو ويوهو ۽ گذريل سال به ڪارروائي ڪئي وئي هئي. هن چيو ته شدت پسندي جي حوالي سان معاشي، سياسي ۽ انتظامي پلان جوڙيو ويو آهي، جن تي مرحليوار عمل شروع ٿي چڪو آهي، اسان سياحت کي پاڪستان جو بيناد سمجهون ٿا ۽ سياحن کي هاڪاري سوسائيٽي ڏيکارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته گڏيل قومن جي ٺهراءُ تحت ضروري هيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف معاشي پابندي هڻون، اسان اڳتي هلي ٻيا به قدم کڻنداسين. فواد چوڌري ته ايف اي ٽي ايف جو مطالبو ايندڙ اجلاس تائين پوري ڪري وٺنداسين، ملڪ کي هن وقت ڪنهن به اقتصادي پابندي کي منهن ڏيڻو نه پئي رهيو آهي، اسان اهو ماحول جاري رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جيڪي به قدم کنيا آهن، ان سان اسان جي قد ڪاٺ ۾ واڌ آئي آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته حالتون بهتر ٿي رهيون اهن ۽ اسان وقت گذرڻ سان گڏ جنگ کان دور ٿي رهيا آهيون، ڀارت مان به جنگي جنون خلاف آوازٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. فواد چوڌري ته ڀارت جنگي جنون ۾ مبتلا هو اسان به تيار آهيون پر ڀارت جي عقل ڪجهه حد تائين درست ٿي وئي آهي. فيصل واوڊا بابت ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جتي جهاز ڪريو، اتي فيصل واوڊا پاران ويڊيو ٺاهڻ سان ڪا قيامت اچي نه ويندي. ٻئي طرف فلاح انسانيت فائونڊيشن ۽ جماعت الدعوه تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. گهرو وزارت طرفان اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو نوٽيفيڪشن تحت جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن کي دهشتگردي ايڪٽ جي شيڊيول ون ۾ شامل ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟